ڄام خيرالدين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام خيرالدين[1]
سنڌ جو سلطان[1]
پيشرو ڄام بابينو[1]
جانشين ڄام بابينو ٻيون[1]
پورو نالو
ڄام خيرالدين سمو
گهراڻو سمو
شاھي گھراڻو سمن جي بادشاهي
پيءُ تماچي انڙ
مذھب اسلام

ڄام خيرالدين(انگريزي: Jam Khairuddin)ڄام خيرالدين بن تماچيءَ جو سال ’تاريخ سنڌ‘ ڀاڱي-3، ص-182 ۾ 1383ع ڏيکاريل آهي. مصنف لکي ٿو ته، ”سندس ڏينهن ۾ سلطان محمد تغلق سنڌ ۾ آيو هو. حالانڪ محمد تغلق 752ھ (1351ع يا 1352ع) ۾ وفات ڪري ويو هو. ڄام خيرالدين، سلطان فيروز جي پيش پيو. سلطان هن کي قيد ڪري سيوهڻ وٺي آيو، جتان خيرالدين ٻيڙين تي چڙهي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پڪڙجي دهليءَ ڏانهن قيد ٿي ويو. مٿيون بيان ’تاريخ سنڌ‘ ڀاڱي 3 ۾ صفحي 91 تي ڏنل آهي، مگر صفحي 146 ۽ 147 تي ساڳي تاريخ ۾ ڏيکاريل آهي ته ”ڄام خيرالدين سن جي ڳوٺ تائين فيروز شاهه جي لشڪر کي تڪليفون ڏيندو ويو. جيئن ته فيروزشاهه کي جلد دهليءَ پهچڻو هو، تنهن ڪري ان ڄام خيرالدين جي گستاخيءَ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ سيوهڻ ۽ بکر کان ٿي سڌو دهليءَ روانو ٿيو.“[1] تنهن کان پوءِ ڄام خيرالدين موٽي ساموئي آيو ۽ نهايت عدل انصاف سان حڪومت هلائڻ لڳو. سندس انصاف متعلق ’معصومي‘ ۾ لکيل آهي ته ڄام خيرالدين هڪڙي هنڌ هڏن جو ڍير ڏٺو، پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيس ته ست ورهيه اڳ ڌاڙيلن ان هنڌ تي گجرات جي هڪڙي قافلي کي ڦري قافلي وارا ماريا هئا، جن جا اهي هڏا هئا. ڄام خيرالدين اتي رهي، ڌاڙيل هٿ ڪري، مال سميت گجرات جي حاڪم ڏانهن روانا ڪيا ۽ لکي موڪليائنس ته ”ڌاڙيلن کي جوڳي سزا ڏيئي مال وارثن کي پهچايو وڃي.[1]

تحفته الڪرام جو بيان[سنواريو]

مير معصوم جي چوڻ موجب: ”ڄام خير الدين“ ولد ڄام تماچي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، بادشاهه جي حڪم سان، دهليءَ کان سنڌ ۾ اچي ملڪ تي متصرف ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ سلطان محمد شاهه، طغي غلام جي پويان پئي، جيئن مٿي بيان ٿي آيو، ٺٽي جي سرزمين ۾ پهتو ۽ اتي گذاري ويو. سلطان فيروز سندس جانشين ٿي، دهليءَ واپس وريو. ڄام خير الدين”سن”تائين سندس تعاقب ڪري، ٻه ٽي دفعا ڪجهه ٽڪرا کائي واپس موٽي آيو. هن رعيت کي عدل ۽ انصاف سان خوش رکيو. نقل آهي، ته هو هڪ ڏينهن سير تماشي لاءِ نڪتو، ۽ هڪ کڏ ۾ ڪجهه هڏا پيل ڏسي، ٿورو وقت بيهي، حاضرين ڏانهن منهن ڪري چيائين، ته”ڪي مظلوم آهن، جي انصاف گهر رهيا آهن!”جاچ مان معلوم ٿيو، ته ست سال اڳ هتي گجرات جو هڪ قافلو لٽيو ويو هو ۽ ماڻهو ماريا ويا هئا. هن مال ڇڏائي، وارثن ڏانهن موڪليو، ۽ قاتلن کان قصاص ورتو[2].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تحفة الڪرام :مصنف؛ مير علي شير قانع ٺٽوي : مرتب؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: مترجم؛ مخدوم امير احمد: ايڊيشن؛ پهريون 1975، ٻيو 1978ع، ٽيون 1989ع، چوٿون 1994ع، پنجون 2004ع: ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو