ڀڪتي تحريڪ
ڀڪتي تحريڪ جي شروعات ٻارهين صديءَ ۾ ڏکڻ هندستان ۾ ٿِي. هن جو بانِي سوامي رامانج، ماڌو، آنند تيرٿ، وشنو سوامي ۽ باسو هُئا. ڀڪتي تحريڪ جي بانين، خدا ۽ انسان سان محبت ڪرڻ جي پرچار وڏي خلوص سان ڪئي. ڪبير، راءِ داس، وهنا، سائين، دادو ۽ ٻيا ڀڳت سماج جي اصلاح جا سچي دل سان خواهشمند هُئا. انهن جو خيال هو ته ذات پات جو فرق، ننڍو وڏو، پوڄا پاٽ ۽ طبقاتي ننڍ وڏائي پنڊتن ۽ مولوين جا ڍنگ آهن. ماڻهو جيڪڏهن پريم جا پرستار ٿي وڃن ۽ ڏيکاءُ وارين رسمن کي ترڪ ڪن ته خدا ۽ انسان جي وچ ۾ ڪوبه حجاب يا پردو نه رهندو.
ڀڳتي تحريڪ هڪ اهڙي روحاني ۽ سماجي تحريڪ ھئي، جيڪا نه رڳو ڀارت جي ڌرمي ۽ ثقافتي منظرنامي ۾ مکيه مقام رکندي هئي، پر سنڌ ۾ به اھا تحريڪ پنهنجي اثر ڇڏي وئي.
سنڌ ۾ شاھ لطيف، سچل سرمست، سامي، ۽ ٻين شاعرن جو روحاني ۽ مذهبي اثر واضح طور تي ڀڳتي تحريڪ سان جڙيل آهي. انهن شاعرن جي شاعري ۾ انسانيت، محبت، ۽ تصوف جا نياپا ڀڳتي ۽ صوفي ازم جي ڳانڍاپي کي ڏيکاري ٿي. خاص طور تي شاھ لطيف، جن جو ڪلام هندو ڀڳتي شاعري سان گڏ تصوف جي گهراين کي پيش ڪري ٿو، ڀڳتي تحريڪ جي اثرات کي پنهنجي شاعري ۾ سمويو ھو.