ڀِٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مراڪش ۾ واريءَ جون ڀٽون

ڀِٽ __واريء جا دڙا__( Sand Dune):

سنڌيءَ ۾ ’ڀِٽ‘، واريءَ جي دڙي کي چوندا آهن، ’ڀٽ‘ جو اصطلاح شاهه لطيف “ڀٽائي”سان منسوب آهي. شاهه لطيف کي مجازي ۽ حقيقي عشقَ آرام نه ڏنو. سير سفر دوران نون هالن کان ٻن ڪوهن جي پنڌ تي، ڪراڙ ڍنڍ وٽ ڪرڙن ۽ ڪنڊن ۾ ويڙهيل، واريءَ جي دڙي کي پنهنجو آدرشي آستان ٺاهيائين. نهايت ڪشالي ۽ محنت سان، ان کي پنهنجي ”ڀٽ“ جي صورت ڏنائين. فقيرن سان گڏ، انهيءَ واريءَ جي دڙي تي چيڪي مٽي وڌائين، ۽ پوءِ پنهنجي لاءِ هڪ جھوپڙي اڏيائين. سندس حوالي سان ان ڀٽ کي هاڻي ’ڀٽ شاهه‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ننڍڙو شهر بنجي چڪو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي