ڀيل قبيلي جو شڪاري قبيلو
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“ ۾ لکي ٿو ته، ”هاڻوڪا ڀيل مارواڙ يا راجسٿان مان اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا. [1] هنن جو تهذيب جو ڪهڙن قبيلن سان لاڳاپو آهي، وائلڊ ٽرائبس آف آنڊيا جو انگريز ليکڪ ران ڀيلن جو وطن مارواڙ لکيو آهي[2]، جتي اهي ٻين علائقن ۾ پکڙجي ويا. ڀيل قبيلي جون ڪيتريون ئي ذاتون آهن، جن مان ڪيتريون راجپوتن جون آهن. ڀيلن جو شڪاري قبيلو محنتي ۽ بهادر آهي ۽ انهن جو گذازو شڪار تي هو، ان ڪري انهن کي شڪاري به چيو وڃي ٿو.
عام طور تي ڀيلن جي شڪاري قبيلي وارن کي دراوڙ سمجهيو وڃي ٿو. گونڊ نالي هڪ ٻئي قبيلي سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هن قبيلي جي دراوڙ هئڻ جي حوالي سان مختلف رايا آهن. ڇو ڀيلن ۽ دراوڙن ۾ رهڻ سهڻ ۽ رسم ۽ رواج ۾ گهڻو فرق آهي. پر هنن جي اصليت، ثقافتي خاصيتون ۽ عادتون دراوڙن جي پاڙيسري قبيلي گونڊ سان تمام گهڻيون ملن ٿيون. هڪ ٻئي خيال موجب ڀيل حقيقت ۾ منڊا قبيلي جي شاخ آهن. منڊا قبيلي مان سنٿال ۽ ڪول (Sinthaal aein Kol) به آهن، جيڪي بنگال، بِهار ۽ آسام ۾ رهن ٿا. توڙي جو منڊا ۽ ڀيل قبيلي جي لهجي ۾ ڪنهن به قسم جو لاڳاپو ۽ هڪجهڙائي نظر نٿي اچي. انسائيڪلو پيڊيا آف آندين ٽرائبز اينڊ ڪاسٽس ۾ لکيل آهي ته ڀيل هڪ غير آريائي قبيلو آهي، جيڪو اتر اوڀر ۾ ٽاڪرو علائقي جي اورنگ آباد سباح ۾ رهن ٿا، جن جي اوڀر ۾ گونڊ ۽ انڊ قبيلا، جڏهن ته اولهه ۽ ڏکڻ ۾ ڪولهي ۽ بجارا قبيلا رهن ٿا.[3] ونجاپور، ڪنڙ، ڀوڪر دان، اورنگ آباد ۽ گنگاپور تعلقن ۾ اهي وڏي انگ ۾ آباد آهن. هڪ اندازي موجب کين راجپوتن پاڻ وٽان بيدخل ڪري ڇڏيو هو.
ڀيلن جي هن شڪاري قبيلي جي لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته هي آرين کان به پهرين جو قبيلو آهي، جنهن جو ذڪر رامائڻ ۾ به ملي ٿو. جڏهن هندو ديوتا رام سزا جي طور تي جهنگ ۾ ڀٽڪي رهيو هو تڏهن هڪ ڀيل مائي کيس ٻير کائڻ لاءِ ڏنا هئا. شڪاري قبيلي سان مرهٽن ۽ مسلمانن به سٺو سلوڪ نه ڪيو. ڪجهه مغل بادشاهن شڪاري قبيلي وارن کي پنهنجي فوج ۾ به ڀرتي ڪيو هو. ڀيلن جو هي شڪاري قبيلو ڏاڍو دلير ۽ بهادر هو، تنهنڪري مرهٽن انهن تي ڏاڍا ظلم ڪيا. سنڌ جي اڇڙو ٿر ۾ به هن قبيلي جا گهڻائي گهر آهن. انهن جو ڳوٺ دڳائون جي ويجهو آهي. دڳائون، هن ريگستان جي سرحدي علائقي کي چيو ُوڃي ٿو ۽ هتان ڀارت جو سرحد گهڻو پري ڪونهي.
ڀيلن جو هي شڪاري قبيلو، ٻين ڀيل قبيلن کان سماجي طور تي الڳ ۽ جدا ائين آهي جو هن قبيلي جي فردن جا نالا مسلمانن جهڙا آهن ۽ اهي پاڻ کي مسلمانن جي گهڻين رسمن سان ڳنڍين ٿا. ڀيلن جو هي قبيلو هولي ۽ ديوالي ڪو نه ملهائيندو آهي. هي قبيلو گهڻو ڪري مسلمان آبادين جي ويجهو رهندو آهي ڇو جو هندو ڌرم جي ذات پات ۽ ڀيد ڀاءُ نظام کين پنهنجو ڪرڻ جي بدران تڪليف پهچائي ٿو. ڌرمي طور تي هي قبيلو هندو هئڻ جي باوجود شڪاري قبيلي وارا مسلمانن جون ٻئي عيدون به ملهائيندا آهن. پر هي قبيلو ڀيل ۽ هندو هئڻ جي باوجود ڀيلَ هنن کي ڀيل ۽ هندو هنن کي هندو نٿا مڇين. عيد واري ڏينهن هن قبيلي وارا مسيت يا عيدگاهه جي ٻاهران اچي انتظار ڪندا آهن جڏهن عيد ختم ٿيندي آهي ته هي عيد پڙهي ايندڙن سان عيد ملندا آهن. شڪاري قبيلي وارا پنهنجو وهانءُ (شادي) نڪاح ذريعي ڪندا آهن. جيڪڏهن نڪاح کان پوءِ دعا ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي قراني آيتون ياد ناهن هونديون ته نڪاح شاهه عبدالطيف جي شاعري پڙهي پڙهايو ويندو آهي. شڪاري قبيلي وارا مندر ڪو نه ويندا آهن ۽ نه ئي مورتي جي اڳيان مٿو ٽيڪيندا آهن. پنهنجي ان انفرادي سڃاڻپ ڪارڻ هي قبيلو اڄ به پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ آهي. [4]