ڀنڀور ۽ ديبل (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڀنڀور ۽ ديبل (ڪتاب ): ھيءُ ڪتاب -ڀنڀور- نئشنل سيمينار 1983ع ۾ پڙھيل مقالن تي مشتمل آھي، جيڪي گھاري سب ڊويزن جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ادب دوست عملدار عبدالقادر منگيءَ جا سھيڙيل آھن، ھن ڪتاب جو انتساب سنڌ جي عظيم محقق ۽ قابل فخر تاريخدان پير حسام الدين شاهه راشديءَ جي نالي ڪيو ويو آھي. ھن ڪتاب جي مقالن کي ھيٺينءَ ريت ترتيب ڏني وئي آھي.

ڀاڱو پھريون، -تاريخ- ۽ آثار قديمه: ھن ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر ايف. اي خان، ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ-، ڊاڪٽر لوئيس فليم، محترمه -بيگم ممتاز راشدي-، مظھر يوسف، ڊاڪٽر حميده کھڙو، عبدالله ورياھه، -تاج صحرائي-، شيخ خورشيد احمد، رفيق مغل، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ ٻين جا مقالا شامل آھن.

ڀاڱو ٻيو- ادب ۽ ثقافت: ھن حصي ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، علي احمد بروھي، مھتاب اڪبر راشديءَ، مير محمد بخش خان -ٽالپر-، ڪمتر نقويءَ، معمور يوسفاڻيءَ، ايم. ايڇ پنھور ۽ ٻين جا مقالا آھن. هن ڪتاب ۾ 288 صفحا آهن. ڊيمي سائيز ۽ جلد ڪچي واري هن ڪتاب کي -ٿر- پبليڪيشن طرفان شايع ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]