ڀانڊو قبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڀانڊو ﻗﺒﻮ ﻫﻲ ﻣﺎڳ ﺭﺗﻴﺪﻳﺮﻱ ﮐﺎﻥ 4 ڪﻠﻮميٽر ﭘﺮﻱ ﺍﺗﺮ ڊﮔﮭﺎﺋﻲ ڦاڪ 270 ’46 ”30 ۽ ﺍﻭڀر ﻭيڪﺮﺍﺋﻲ ڦاڪ 670 ’42 ”00 ڊﮔﺮﻳﻦ ﺗﻲ ﺁﻫﻲ . ﮬﻦ ﺷﺎﻧﺪﺍﺭ ﻗﺒﻲ ﻳﺎ ﻣﻘﺒﺮﻱ ۾ ڪﻴﺮ ﺩﻓﻦ ٿيل ﺁﮬﻲ، ﺍﻥ ﻻﺀِ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺭﻭﺍﻳﺘﻮﻥ ﺁﮬﻦ . ﮬﻦ ﮐﻲ ﮬﻴﻨﺮﻱ ڪﺰﻧﺲ ۽ ﺍﻳﻦ . ﺟﻲ ﻣﺠﻤﺪﺍﺭ ﺑﻪ ڏٺو ﻫﻮ . ﭘﺮ ﺍﮬﻮ ڄاڻاﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﮭﻴﺎ ﺗﻪ ﮬﻲ ڪﻨﮭﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮﻭ ﺁﮬﻲ . ﻗﺮﺑﺎﻥ بگٽيﺀَ ﺟﻲ ﭼﻮڻ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺍﻥ ۾ ﺭﺗﻮ ﺟﻠﺒﺎڻي ﻣﺪﻓﻮﻥ ﺁﮬﻲ، ﭘﺮ ﺍﻥ ﻻﺀِ ڪﻮ چٽو ﺛﺒﻮﺕ ڪﻮﻧﻪ ﺁﮬﻲ .

ﮬﻦ ﻭﻗﺖ ﻣﺰﺍﺭ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺧﺴﺘﻪ ﺁﮬﻲ . ڀانڊﻱ ﻗﺒﻲ ﺍﻧﺪﺭ ڪﻞ ﺳﺖ ﻗﺒﺮﻭﻥ ﺁﮬﻦ . ﻭڏﻱ ﻗﺒﺮ ﺗﻲ ڏﻳﺌﺎ ٻاﺭﻳﺎ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ . ﮬﻲ ﻣﻘﺒﺮﻭ ﻭڏﻱ ﺍﻭﭼﺎﺋﻲﺀَ ﺗﻲ ٺهيل ﺁﮬﻲ . ﮬﻦ ﺩڙﻱ ﺟﻲ ﮐﻮٽاﺋﻲ ﻧﻪ ٿي ﺁﮬﻲ، ﭘﺮ ﺩڙﻱ ﺟﻲ ﺳﻄﺢ ﺗﺎﻥ ﻣﻠﻴﻞ ٺڪﺮﺍٺو ۽ ٻيوﻥ ﺷﻴﻮﻥ ﺍﻥ ﺟﻲ ﻗﺪﺍﻣﺖ ﺗﻲ ﺳﺎﮐﻲ ﺁﻫﻦ. ﻣﻘﺒﺮﻭ ﭼﻮﺭﺱ ﺭکيل ﺁﮬﻲ، ﻣﺎﭖ ۾ 5x5 ميٽر ۽ ﺍﻭﭼﺎﺋﻲﺀَ ۾ 10 ميٽر ﺁﮬﻲ . ﺍڏﺍﻭﺕ ۾ پڪﻴﻮﻥ ﺳﺮﻭﻥ، ﮔﭻ ﮔﺎﺭﻭ ۽ ڪﺎﺷﻲﺀَ ﺟﻮﻥ ﺳﺮﻭﻥ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ٿيل ﺁﮬﻦ . ڇت ۽ ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ ﻭﭺ ﺗﻲ ﮔﻨﺒﺬ - ﮘﭻ ﻭڏﻭ ۽ ﻭيڪرﻭ ﺁﮬﻲ. ﺍﻥ ۾ ﮬﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﻭﻧﮕﻦ ﺳﺎﻥ ﮬﻮﺍﺋﻮﮢﺎ ‏( ﻫﻮﺍﺩﺍﺭ ﺩﺭﻳﻮﻥ ‏) ڪﮃﻳﻞ ﺁﮬﻦ . ﮔﻨﺒﺬ ﺍﺑﺘﻲ ﮔﻮﻝ ﭘﻴﺎﻟﻲ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺁﻫﻲ، مٿاﻥ ﻓﺎﻧﻮﺱ ۽ ﻓﺎﻧﻮﺱ ۾ ﺟﺎﺭﺍ ٺهيل ﺁﮬﻦ . ﻣﻘﺒﺮﻱ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺯﺑﻮﻥ ﺁﮬﻲ .