ٿيمڦو
ٽمڦو
ཐིམ་ཕུག (زونگکا) | ||
|---|---|---|
راڄڌاني شهر ۽ ٿرومڊي | ||
| Thimphu | ||
| ||
ڀوٽان جي نقشي ۾ ٽمڦو جي لوڪيشن | ||
| جاگرافي بيهڪ: 27°28′20″N 89°38′10″E / 27.47222°N 89.63611°E | ||
| ملڪ | ||
| ضلعو | ٿيمڦو ضلعو | |
| گيووگ | چانگ گيووگ | |
| راڄڌاني طور قائم ڪيو ويو | 1955ع | |
| ٽائون شپ | 1961ع | |
| ميونسپالٽي جو درجو | 2009ع | |
| آبادي | 1,14,551 (2017ع) | |
| Government | ||
| • دروڪ گيالپو | جگمي کيسار نمگيئل وانگچڪ | |
| • ٿرومپون | يگ ين دورجي وانگچڪ[1] | |
| Area | ||
• ڪل |
26.1 ڪ.م2 (10.1 ميل2) | |
ٽمڦو (انگريزي: Thimphu؛ زونگکا: ཐིམ་ཕུག) ڏکڻ ايشيا جي ملڪ، ڀوٽان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. اها ڀوٽان جي اولهه مرڪزي حصي ۾ واقع آهي ۽ ان جي آس پاس جي وادي سميت، ٽمڦو ضلعو، ڀوٽان جي ضلعن (زونگ کاگ) مان هڪ آهي. 1955ع ۾ "پناکا" جي قديم گاديءَ واري شهر جي جاء تي ٽمڦو کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو ۽ سال 1961ع ۾، ٽيئن دريڪ گيالپو، جگمي ڊورجي وانگچڪ پاران ٽمڦو کي سرڪاري طور تي ڀوٽان جي بادشاهت جو گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو. ٽمڦو جن جي آبادي سال 2017ع جي آدمشماري جي مطابق 1,14,551 آهي، ڀوٽان جو سڀ کان وڏو شهر آهي.
هي شهر وانگ ڇو (وانگ ندي)، جيڪي هندستان ۾ رائدڪ نديءَ جي طور تي وهي ٿي، جي ٺهيل وادي جي اولهه ڪناري تي اتر کان ڏکڻ طرف پکڙيل آهي. ٽمڦو اچائي جي لحاظ کان، 2,248 ميٽر (7,573 فوٽ) کان 2,648 ميٽر (8,688 فوٽ) تائين اچائي سان دنيا جو ڇهون سڀ کان اچو گاديءَ جو هنڌ آهي.[2][3][4] ڪيترن ئي راڄڌانين جي برعڪس، ٽمڦو جو پنهنجو هوائي اڏو ناهي، ان جي بدران اهو "پارو ايئرپورٽ"، جيڪو 52 ڪلوميٽر (32 ميل) پري آهي ۽ روڊ ذريعي پهچ لائق آهي، جو استعمال ڪري ٿو.
ٽمڦو، ڀوٽان جي سياسي ۽ اقتصادي مرڪز جي حيثيت سان، هڪ غالب زراعت ۽ چوپائي مال جو بنياد آهي، جيڪو ملڪ جي گروس قومي پيداوار (GNP) جو تقريباً %45 حصو ڏئي ٿو.[5] سياحت، جيتوڻيڪ معيشت ۾ وڏو حصو وٺندڙ آهي، منظم آهي ۽ روايت، ترقي ۽ جديديت جي وچ ۾ توازن برقرار رکي ٿي. ٽمڦو ۾ ڀوٽان جي گهڻي اهم سياسي عمارتون، قومي اسيمبلي جي عمارت ۽ راجا جي سرڪاري رهائشگاهه، "ڊيچن چولنگ پئليس" جيڪا شهر جي اتر ۾ آهي، موجود آهن. شهر جي ترقيات کي "ٽمڦو اسٽرڪچر پلان، 2002-2027" (هڪ شهري منصوبو جن جو مقصد وادي جي نازڪ ماحوليات جي حفاظت آهي)، جي رهنمائي هيٺ آهي. ڪجهه ترقياتي منصوبن کي ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران سپورٽ ڪيو ويو آهي.
ڀوٽان جي ثقافت کي ٽمڦو ۾ لٽريچر، مذهب، رسم و رواج، قومي لباس جي قاعدي، خانقاه جي ريتن، موسيقي، ناچ ۽ ميڊيا، ذريعي مڪمل طور تي ظاهر ڪيو ويو آهي. ساليانو شيچو فيسٽيول، جيڪا ڀوٽاني ڪئلينڊر جي مطابق سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي، هڪ اهم تقريب آهي جنهن ۾ ماسڪ ناچ شامل آهي جن کي "چام ناچ" سڏيو ويندو آهي. اهو شيچو زونگ خانقاهه جي صحن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.
گيلري
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ ٿيمڦو سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
Thimphu سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage
- سانچو:Usurped
- Department of Tourism, Bhutan آرڪائيو ڪيا ويا 2004-12-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- City map RAO online
- Thimphu Dzongkhag آرڪائيو ڪيا ويا 2011-05-03 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Five year plan 2002-2007
- 'A Walk in the Clouds', Thimphu in the rains, Travelogue in The Indian Express, 21-06-2009, by Arjun Razdan
- Attractions in Thimphu
- Thimphu Sightseeing Places
سانچو:List of Asian capitals by region
حوالا
[سنواريو]- ↑ Dema, Chhimi, "Thimphu votes for change", Kuensel۔[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "Thimphu Dzongkhag", Government of Bhutan, اصل کان 08 سيپٽمبر 2010 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 08 جون 2010۔
- ↑ "Bhutan", Tourism Council of Bhutan:Government of Bhutan, اصل کان 09 اپريل 2018 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 07 جون 2010۔
- ↑ "Introduction: Understanding Natural Systems", Government of Bhutan, اصل کان 03 ڊسمبر 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 07 جون 2010۔
- ↑ "Economy", Tourism Government of Bhutan, اصل کان 14 جون 2014 تي آرڪائيو ٿيل۔
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از May 2025
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- Coordinates on Wikidata
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ٽمڦو
- ڀوٽان
- راڄڌانيون
- ايشيا ۾ راڄڌانيون
- ڀوٽان ۾ آباديون جڳهيون
- New Urbanism communities