مواد ڏانھن هلو

ٿيمڦو

ٽمڦو

ཐིམ་ཕུག (زونگکا)
راڄڌاني شهر ۽ ٿرومڊي
Thimphu
تاشيڇو زونگ (ٻڌ خانقاهه)
ڀوٽان جي قومي لائبريري
ٿيمڦو شهر جو فضائي ڏيک
ٿيمڦو بازار، مرڪزي واپاري علائقو
Official seal of ٽمڦو
Seal
ٽمڦو is located in ڀوٽان
ٽمڦو
ٽمڦو
ڀوٽان جي نقشي ۾ ٽمڦو جي لوڪيشن
ٽمڦو is located in ايشيا
ٽمڦو
ٽمڦو
ٽمڦو (ايشيا)
Coordinates: 27°28′20″N 89°38′10″E / 27.47222°N 89.63611°E / 27.47222; 89.63611
ملڪ ڀوٽان
ضلعوٿيمڦو ضلعو
گيووگچانگ گيووگ
راڄڌاني طور قائم ڪيو ويو1955ع
ٽائون شپ1961ع
ميونسپالٽي جو درجو2009ع
آبادي1,14,551 (2017ع)
حڪومت
• دروڪ گيالپوجگمي کيسار نمگيئل وانگچڪ
• ٿرومپونيگ ين دورجي وانگچڪ[1]
ايراضي
• ڪل26.1 چورس ڪلوميٽر (10.1 چورس ميل)
آبادي
 (2017)
• ڪل1,14,551
• اندازو
(2017ع)
1,14,551
• ڪثافت4389 في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+6 (BTT)
ڊائلنگ ڪوڍ+975-2
ClimateCwb
ويب سائيٽthimphucity.bt

ٽمڦو (انگريزي: Thimphu؛ زونگکا: ཐིམ་ཕུག) ڏکڻ ايشيا جي ملڪ، ڀوٽان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. اها ڀوٽان جي اولهه مرڪزي حصي ۾ واقع آهي ۽ ان جي آس پاس جي وادي سميت، ٽمڦو ضلعو، ڀوٽان جي ضلعن (زونگ کاگ) مان هڪ آهي. 1955ع ۾ "پناکا" جي قديم گاديءَ واري شهر جي جاء تي ٽمڦو کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو ۽ سال 1961ع ۾، ٽيئن دريڪ گيالپو، جگمي ڊورجي وانگچڪ پاران ٽمڦو کي سرڪاري طور تي ڀوٽان جي بادشاهت جو گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو. ٽمڦو جن جي آبادي سال 2017ع جي آدمشماري جي مطابق 1,14,551 آهي، ڀوٽان جو سڀ کان وڏو شهر آهي.

هي شهر وانگ ڇو (وانگ ندي)، جيڪي هندستان ۾ رائدڪ نديءَ جي طور تي وهي ٿي، جي ٺهيل وادي جي اولهه ڪناري تي اتر کان ڏکڻ طرف پکڙيل آهي. ٽمڦو اچائي جي لحاظ کان، 2,248 ميٽر (7,573 فوٽ) کان 2,648 ميٽر (8,688 فوٽ) تائين اچائي سان دنيا جو ڇهون سڀ کان اچو گاديءَ جو هنڌ آهي.[2][3][4] ڪيترن ئي راڄڌانين جي برعڪس، ٽمڦو جو پنهنجو هوائي اڏو ناهي، ان جي بدران اهو "پارو ايئرپورٽ"، جيڪو 52 ڪلوميٽر (32 ميل) پري آهي ۽ روڊ ذريعي پهچ لائق آهي، جو استعمال ڪري ٿو.

ٽمڦو، ڀوٽان جي سياسي ۽ اقتصادي مرڪز جي حيثيت سان، هڪ غالب زراعت ۽ چوپائي مال جو بنياد آهي، جيڪو ملڪ جي گروس قومي پيداوار (GNP) جو تقريباً %45 حصو ڏئي ٿو.[5] سياحت، جيتوڻيڪ معيشت ۾ وڏو حصو وٺندڙ آهي، منظم آهي ۽ روايت، ترقي ۽ جديديت جي وچ ۾ توازن برقرار رکي ٿي. ٽمڦو ۾ ڀوٽان جي گهڻي اهم سياسي عمارتون، قومي اسيمبلي جي عمارت ۽ راجا جي سرڪاري رهائشگاهه، "ڊيچن چولنگ پئليس" جيڪا شهر جي اتر ۾ آهي، موجود آهن. شهر جي ترقيات کي "ٽمڦو اسٽرڪچر پلان، 2002-2027" (هڪ شهري منصوبو جن جو مقصد وادي جي نازڪ ماحوليات جي حفاظت آهي)، جي رهنمائي هيٺ آهي. ڪجهه ترقياتي منصوبن کي ورلڊ بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ پاران سپورٽ ڪيو ويو آهي.

ڀوٽان جي ثقافت کي ٽمڦو ۾ لٽريچر، مذهب، رسم و رواج، قومي لباس جي قاعدي، خانقاه جي ريتن، موسيقي، ناچ ۽ ميڊيا، ذريعي مڪمل طور تي ظاهر ڪيو ويو آهي. ساليانو شيچو فيسٽيول، جيڪا ڀوٽاني ڪئلينڊر جي مطابق سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي، هڪ اهم تقريب آهي جنهن ۾ ماسڪ ناچ شامل آهي جن کي "چام ناچ" سڏيو ويندو آهي. اهو شيچو زونگ خانقاهه جي صحن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.

گيلري

[سنواريو]
ٿيمڦو جي ڏاکڻي ڏيک

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

Thimphu سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

سانچو:List of Asian capitals by region

حوالا

[سنواريو]
  1. Dema, Chhimi. "Thimphu votes for change". Kuensel.[مئل ڳنڍڻو]
  2. "Thimphu Dzongkhag". Government of Bhutan. اصل نسخو مان 2010-09-08 تي محفوظ ڪيل. 2010-06-08 تي حاصل ڪيل.
  3. "Bhutan". Tourism Council of Bhutan:Government of Bhutan. اصل نسخو مان 2018-04-09 تي محفوظ ڪيل. 2010-06-07 تي حاصل ڪيل.
  4. "Introduction: Understanding Natural Systems". Government of Bhutan. 2010-06-07 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو)
  5. "Economy". Tourism Government of Bhutan. اصل نسخو مان 2014-06-14 تي محفوظ ڪيل.