ٿوڪ فروش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاليش جو ٻڌو واپار ڪندڙ يورو ڪيش گروپ جو صدر دفتر.

ٻڌي جو واپاري يا ٿوڪ فروش (انگريزي: Wholesaling) اھڙو واپاري جيڪو پيداواري ذريعن يعني فيڪٽرين ۽ ڪارخانن تان وڏي پيماني تي شيون خريد ڪري پاڻ وٽ گڏ ڪندو آھي ۽ ٿوري مقدار ۾ ريزڪي وڪرو ڪندڙ واپارين کي وڪڻندو آھي.[1] عام طور ٻڌي جي واپار ۾ هڪ عام گرهاڪ کي شيون وڪرو نه ڪيو وينديون آهن.

فرانس ۾ رنگيس شھر ۾ پيڪ ٿيل مڇي جي ھول سيل مارڪيٽ

ھي ريزڪي وڪري وارن واپارين ۽ پيداوار ڪندڙن جي وچ ۾ ھڪ واسطو بڻجي خدمت پيش ڪندو آھي. ھي واپاري خريدارن جي خواھشن تي بہ نظر رکندو آهي. پيداوار ڪندڙن جي ضرورت ھوندي آھي تہ انھن جي مال جو جلدي وڪرو ٿئي تہ جيئن پيداواري يونٽ فعال رھي، ان ڪري اھو ان پوزيشن ۾ نہ ھوندو آھي تہ پيداوار کي ٿوري مقدار ۾ وڪڻي. ريزڪي واپاري جي ضرورت ھوندي آھي تہ ھو پيداوار ٿورو مقدار ۾ خريد ڪري جيتري ان وٽ صارف جي طلب ھجي. ان ڪري پيداوار ڪندڙ ۽ ريزڪي واپاري جي لاء ٿوڪ فروش يا ٻڌي جي واپاري جو وجود ھڪ انتھائي ضرورت آهي. ٿوڪ فروش يا ھول سيلر وڏي پيماني تي شين جو ذخيرو ڪندو آهي ۽ اھڙي طرح شين جي رسد کي ڪنٽرول ڪري شين جي قيمتن کي مستحڪم ڪندو آهي. جيڪڏهن اھو ذخيرو نہ ھجي ء شين جي ڪمي ٿي وڃي تہ بازار ۾ شين جون قيمتون وڌي وينديون آهن.ان ڪري ٿوڪ فروش جي ھجڻ سان ريزڪي واپاري جو ڌنڌو خطري کان محفوظ ھوندو آھي . ڇوتہ ان وٽ شين جي رسد متاثر نہ ٿيندي آھي.ٿوڪ فروش يا ھول سيلر ريزڪي واپاري يا رٽيلر کي شيون اوڌر تي ڏيڻ جي سھولت بہ ڏيندو آهي جيڪا سھولت کين پيداوار ڪندڙن کان نہ ملي سگھندي آھي.ٿوڪ فروش يا ٻڌي جو واپاري ريزڪي واپارين کان صارفن يا شين جو استعمال ڪندڙ خريدارن جي پسند معلوم ڪري صنعتڪارن تائين پھچائيندو آهي اھڙي طرح صارفين جي پسند جي شين جي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو آهي.ريزڪي واپاري نئين شين جي باري ۾ آگاھي بہ ٿوڪ فروش جي ذريعي حاصل ڪندو آهي. ريزڪي واپاري مال پيداوار ڪندڙن کان وٺڻ جي ڀيٽ ۾ ٿوڪ فروشن کان آساني سان حاصل ڪندو آھي. پيداوار ڪندڙ وٽ ايترو زياده پئسو نہ ھوندو آھي جو وڏي پيماني تي مارڪيٽن ۾ پيداوار جو ذخيرو ڪري ان جي ريزڪي واپارين تائين مارڪيٽنگ ڪري، انھن کي اوڌر تي سامان فروخت ڪري وري ان اوڌر جي اوڳاڙي جا بندوبست ڪري ۽ مارڪيٽ مان سڌو سنئون صارفن consumers جي پسند ء نا پسند بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھي. ان ڪري پيداواري يونٽن کان شين جي صارفن تائين سھولت سان پھچائڻ واري مرحلي جي پائداري ٿوڪ فروش کان سواءِ ممڪن ناهي.

حوالا[سنواريو]