ٿر ڏلهي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي ته ڪير جهلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٿر جو علائقو، وَٺي تي آباد ٿئي ٿو. جڏهن ته سنڌ جو سنئون سڌو علائقو، نهري ۽ زميني پاڻي ذخيرن تي آباد ٿئي ٿو. مينهنَ نه پوڻ جي صورت ۾، ٿر ۾ ڏڪار پوندو آهي ۽ اتان جا رهاڪو به سنڌ جي بيراجي علائقن ڏانهن رخ رکندا آهن. اتي کين پنهنجي سِرَ بچائڻ لاءِ انّ پاڻي ۽ مال لاءِ چارو ملي ويندو آهي. سنڌ جي علائقي ۽ وسيلن ۾، ايتري سگهه آهي جو ڏڪار دوران، ٿرين جي سَٽَ سهي ويندا آهن. پر جيڪڏهن سنڌ ۾ به نهري علائقن ڏڪار پوي ته پوءِ آفت سٽيل ٿري ته ٺهيو پر سنڌ جا اهي علائقا به ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃن. سڀني لاءِ پنهنجي جان بچائڻ به موراڳو ڏکيو ٿيو وڃي. ان صورت ۾ اهي لاچار ڪيڏانهن وڃن؟! مطلب اهو ته، ننڍن کي پيل نقصان، وڏا برداشت ڪن. وڏن کي پيل نقصان، ڪير برداشت ڪري يا ننڍن کي وڏا پالين، وڏن کي ڪير پالي. [1]

حوالا[سنواريو]