پڙاڏو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سڏ پڙاڏو __(Echo):

هن اصطلاح جي جتوڻيڪ لغوي معنيٰ آواز ۽ ان جي گونج يا پڙلاءُ آهي پر علامتي طور سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ ”سڏ پڙاڏي“ کي وڏي اهميت ڏني ويئي آهي. لوڪ شاعريءَ ۾”سڏ“ کي شاعري جي صنف طور به استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙو سڏ، جيڪو محبوب کي، مظلوم کي، مجبور کي، يا وري اتحاد لاءِ گڏ ٿيڻ، ملڻ، لاءِ پڪاريو وڃي ۽ اهو وري پڙلاءُ بڻجي پکڙجي وڃي. شاهه سائين فرمايو آهي ته: پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين، هئا اڳهين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. سائين محمد ابراهيم جويي ۽ جي. ايم. سيد جي خطن جو ڪتاب به ”سڏ پڙاڏو“ آهي. ”پڙاڏو سوئي سڏ“ سراج ميمڻ جو ناول جو نالو به آهي. .[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي