مواد ڏانھن هلو

پٺاڻي خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


پٺاڻي خان
مشھور ڪلام: ميڏا عشق وي تو
لوڪ فنڪار
تمغہ حسن ڪارڪردگي(1979)
پورو نالو
غلام محمد عرف پٺاني خان
جنم غلام محمد
1926
بستي تنبو والي,ڪوٽ ادو، ضلعو مظفر ڳڙھ.
لاڏاڻو 9 مارچ 2000
ڪوٽ ادو
تدفين ڪوٽ ادو
مذھب اسلام

پٺاڻي خان پنجابي ٻولي جو عالمي شهرت رکندڙ فنڪار، 1926ع ۾ ڪوٽ اَدُو، ضلعي مظفرڳڙهه ۾ ڄائو. پنهنجي سُريلي آواز سبب ملڪ جو نامور فنڪار شمار ڪيو ويو. سندس اصل نالو غلام محمد هئو.

راڳداري

[سنواريو]

هن وڏن ڪلاسيڪل استادن، خاص ڪري اُستاد علي محمد خان کان سکيا ورتي. پٺاڻي خان، خواجه فريد الدين گنج شڪر، شاه حسين، بابا بلهي شاهه، سلطان باهو، خواجه غلام فريد ۽ ٻين صوفي شاعرن جا ڪلام ڳائي، پنهنجو هڪ منفرد مقام حاصل ڪيو. سرائڪي ڪافي ڳائڻ ۾ کيس ڪمال حاصل رهيو. خواجه غلام فريد جون ڪافيون سندس خاص سڃاڻپ هيون، خاص ڪري سـنـدس ڳايل عارفـاڻو ڪـلام ”ميڏا عشق وي تون، ميڏا يار وي تون“ ٻڌندڙن تي عجيب ڪيفيت ۽ سحر طاري ڪري ڇڏيندو آهي. پٺاڻو خان صوفياڻي ڪلام ڳائڻ سبب ”بادشاهه ڳائڻو“ سڏيو ويو. هو نه رڳو سرائيڪي زبان جو فنڪار هو، پر هر اهلِ دل جي روح جو آواز هو. سندس خواجه غلام فريد جون ڳايل ڪافيون، هر ٻولي ڳالهائيندڙ جي دل ۾ پيهي وينديون هيون. هڪ وڏي عرصي (26 سالن) تائين ريڊيو ۽ پاڪستان ٽيليويزن سان لاڳاپيل رهيو. ريڊيو ملتان تي موسيقيءَ جا پروگرام پٺاڻي خان کان سواءِ اڻپورا ۽ ٻُسا محسوس ٿيندا هئا.

سنڌ ۾ مقبوليت

[سنواريو]

سنڌ ۾ به سندس مقبوليت حد کان وڌيڪ هئي. سائين جي.ايم.سيد کان وٺي رسول بخش پليجي ۽ عبدالواحد آريسر تائين کيس دل سان ٻڌندا هئا. عوام ۾ به سندس ساڳي مقبوليت هئي. ڪيئي ڀيرا پرڏيهه به ويو، خاص ڪري فرانس ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. سندس ڳايل مشهور ڪافين ۾ ”ميڏا عشق وي تون“ کان سواءِ ”ميڏا رانجهڻ هڻ ڪوئي هور، سائين او!“؛ ”مين وي ڄاڻان جهوڪ رانجهڻ دي، نال ميري ڪوئي چلي“، ”مائي ني مين ڪينون آکان، درد وڇوڙي دا حال“، آ چڻون رل يار، پيلهون پڪيان ني وي!“، ”فريدا! تون نئين لٽيا، لُٽيا سارا جڳ“ وغيره مقبوليت ماڻي چڪيون آهن.

مڃتائون

[سنواريو]

هن عظيم فنڪار کي ڪيترا اوارڊ مليا، جن ۾ صدارتي اوارڊ پرائيڊ آف پرفارمنس به شامل هو. هي هڪ سادو انسان هو، زندگي سادگيءَ ۽ غربت ۾ گذاريائين، پر کيس پنهنجي سادگي توڙي غربت تي فخر رهيو. هي موسيقيءَ جو ستارو فنڪار آخر تائين خوددار رهيو.

وفات

[سنواريو]

هن نامياري فنڪار 9 مارچ 2000ع ۾ وفات ڪئي. وفات کان صرف ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ ٿيل ”ورلڊ صوفي ميوزڪ فيسٽيول“ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيائين. کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ڪوٽ ادوءَ ۾ دفن ڪيو ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]