پير علي بخش شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پير علي بخش شاھ(انگريزي: Pir Ali Bux Shah ) عرف ”علڻ سائين“ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ستو سجادہ نشين ھو ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو جي اولاد مان ھو[1]. سندس والد جو نالو پير لطف علي شاھ ھيو[2]. سندس نسب جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السّلام سان ملي ٿو[2].

زندگي جو احوال[سنواريو]

پاڻ 1871ع ڌاري ڄائو هو. سنڌي ۽ فارسي تعليم ميان محمد ڀٽيءَ وٽ حاصل ڪيائين[1]. مٽياري سيدن جي جرار پوٽا خاندان مان، سندس والد 1317ھ مطباق 1899ع ۾ وفات ڪئي ۽ وڏي فرزند هئڻ ڪري هي سجاده نشين ٿيو[1]. هي فقير طبع ۽ شاهه جي ڪلام جو سوز سان ڳائيندڙ هو. اڪثر جمعي رات جي راڳ وقت پاڻ به فقيرن سان گڏ ڳائيندو هو، شاعر به هو، ليڪن سندس ڪلام گڏ ٿي نه سگهيو آهي[1]. پنھنجي وقت جي سجاده نشينن وانگر، هي به راڳ ۽ ملاکڙي ۾ دلچسپي وٺندڙ هو[1]. خاندانن سان لاڳاپن وڌائڻ ۾ چڱو بهرو ورتائين، راڳ جي ڄاڻ هوندي هيس. سنڌ جا اڪثر مکيه ڳائڻا ۽ طوائفون راڳ ڳائڻ لاءِ وٽس ايندا هئا ؛ جنهن ڪري کيس مختلف راڳڻين، وڄت ۽ تال جو پورو پتو هوندو هو[1]. درگاهه ۽ مسجد جي اڪثر تعمير سندس دؤر ۾ ٿي[1]. ملاکڙي ۾ ڪافي دلچسپي ورتائين. ڄام مٺا خان جوڻيجو، درگاهه جي خاص معتقدن مان هو. هو ملهن کي انعام ڏيڻ ۾ خاص شهرت حاصل ڪري چڪو هو. ڀٽ شاهه جي ميلي تي پير صاحب ۽ ڄام صاحب جي ڪوششن سان ملاکڙو زور وٺي ويو، جنهن ڪري ماڻهن جي آمد ۾ به اضافو ٿيو ۽ ميلو وڌي ويو[1]. پير صاحب کي عمدن گهوڙن ڌارڻ جو خاص شوق هوندو هو. هزارين رپيا خرچ ڪري گهوڙا وٺندو هو، هن صاحب جو اهل تشيعت طرف گهڻو لاڙو هو، ماتم کي سوز ۽ گداز وڌائيندڙ سمجهي، هنن ماتم حسين کي روحاني ترقيءَ لاءِ ضروري ڄاتو ٿي[1]. شاهه عبدالڪريم بلڙي ۽ شاهه لطيف جي خليفن، انهيءَ ڪري، سندن دستار جو رنگ ڪارو ڪيو هو. محرم جي ڏينهن ۾ هو ماتم ڪندا هئا.

شاديون ۽ اولاد[سنواريو]

پير ميان علڻ سائينءَ ٽي شاديون ڪيون هيون: پهرين شادي،شڪارپور جي سيدن مان ڪيل هئي، جنهن مان علي اڪبر شاھ، ڏنل شاھ، بچل شاھ ۽ يار محمد شاھ پيدا ٿيا ؛ ٻي کوکرن جي سيد بقا دار شاھ ميرڻ پوٽي جي نياڻيءَ سان ڪيل هيس، جنهن مان وڏو فرزند شاھ ڏنو شاھ ۽ امام علي شاھ پيدا ٿيا ؛ ۽ ٽين شادي، سالاري جي سيدن مان ڪئي هئائين، جنهن مان غلام شاھ ٿيو، سندس ننڍو ڀاءُ جڙيل شاھ عرف گهوٽ سائين آهي، جنهن کي اولاد نه آهي. ميان شاھ ڏنو 1894ع ۾ ڄائو هو[1]. محبتي، روزي نماز جو پابند، طبع جو حليم ھو. ان کي ٽي فرزند ٿيا، جن مان وڏي جو نالو ميان غلام شبير شاھ عرف الله بخش شاھ آهي. ميان شاھ ڏني شاھ کي ”شاهن سائين“ به ڪري سڏيندا آهن[1]. ان ٻه شاديون ڪيون آهن، هڪ بيچانجيءَ جي پٺاڻن وٽان، جنهن مان ميان غلام شبير شاھ آهي ۽ ٻي شادي مرزا غلام حسين حيدرآباد واري وٽان ڪيل اٿس، جنهن مان الطاف حسين شاھ ۽ غلام محمد شاھ آهن[1].

وفات[سنواريو]

پير علڻ سائينءَ 18 مئي 1933ع مطابق 14 محرم 1352ھ[2] تي وفات ڪئي[1]. هن کان پوءِ سندس جاءِ تي ان جو وڏو فرزند ميان شاهه ڏنو شاھ گادي نشين ٿيو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 [ ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد
    ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو]
  2. 2.0 2.1 2.2 [ https://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D9%BE%D9%8A%D8%B1%20%D8%B9%D9%84%D9%8A%20%D8%A8%D8%AE%D8%B4%20%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87%20%D8%B9%D9%84%DA%BB%20%DA%80%D9%BD%D8%A7%D8%A6%D9%8A]