پيراٿائرائڊ غدود
ڏيک
| پيراٿائرائڊ غدود Parathyroid glands | |
|---|---|
ڊائگرام ۾ انساني بت جي ڳيچي واريون بناوٽون. چئن سائي رنگ وارين جاين تي پيراٿائرائڊ غدودن واريون جايون ڏيکاريل جيڪي چار غدود ھوندا آھن ۽ نارنگي رنگ ۾ ڏيکاريل ٿائرائيڊ غدود جي پٺيان واقع ھوندا آھن | |
ٿائرائيڊ ۽ پيراٿائرائڊ ڪنڌ وٽان ڏيکاريل | |
| تفصيل | |
| پريڪرسر | نيورل ڪريسٽ ميسنڪائم، ٽئين ۽ چوٿين ڳلي جي ڳوٿري (Pharyngeal pouch) اينڊوڊرم (endoderm) |
| عضون جو نظام | اينڊوڪرائن نظام |
| شريان | وڏي ٿائرائيڊ شريان, ننڍي ٿائرائيڊ شريان, |
| نس | وڏي ٿائرائيڊ نس, وچولي ٿائرائيڊ نس, ننڍي ٿائرائيڊ نس, |
| تنت | وچولي سرويڪل گينگلئن, ننڍڙي سرويڪل گينگلئن |
| لمف | ساھ جي نالي کان اڳ واري لمف جي ڳنڍ, پري ليرنجيئل لمف، جگلوڊائگيسٽرڪ لمف |
| سڃاڻپ ڪندڙ | |
| لاطيني ٻولي | glandula parathyreoidea inferior, glandula parathyreoidea superior |
| ائناٽامي جا محاورا | A11.4.00.001 |
| ائناٽامي جو بنيادي ماڊل | 13890 |
| ائناٽامي جا محاورا | |
پيراٿائرائڊ غدود (انگريزي: Parathyroid glands ) انساني ۽ چوپائي مال جي ڳيچي ۾ ننڍڙا اينڊوڪرائن نظام وارا غدود ھوندا آھن. انسان ۾ عام طور تي چار پيراٿائرائڊ غدود ھوندا آھن جيڪي ٿائرائيڊ غدود جي پٺيان ملندا آهن. اھي رت ۾ ڪيلشيم جي ڪمي جي ڪري پيراٿائرائڊ ھارمون پيدا ڪندا ۽ ٻاھر ڪڍندا آهن جيڪي ھارمون ھڏن منجھ ۽ رت ۾ ڪيلشيم کي برقرار رکڻ جو اھم ڪردار ادا ڪندا آهن. پيراٿائرائڊ غدود ساڳي رت جي رسد، نسن جي وھڪ ۽ لمفيٽڪ وھڪ ٿائرائيڊ غدود ڏي موڪليندا آھن.