پونجي خاتون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پونجي خاتون هيءَ خاتون دکن هندستان جي بادشاهه، يوسف عادل شاهه، جي بيبي هئي. انهن ڏينهن عادل شاهي گهراڻي جو تخت _ شهر بيجارپور هو. سنه 916هه (1510ع) ۾ جڏهن يوسف عادل شاهه وفات ڪئي، تڏهن سندس صغير پٽ اسماعيل عادل شاهه تخت تي ويٺو، ۽ڪمال خان دکني نائب السلطنت مقرر ٿيو، جو ننڍڙي شهزادي جي نالي تي حڪومت هلائيندو هو. هڪڙي ڏينهن انهيءَ کي دل ۾ خيال آيو ته ”ڇو نه اهو نالو به لاهي ڇڏيان، ۽ آءٌ خود بادشاهه ٿيان!“ پونجي خاتونءَ کي سندس ارادي جي خبر پئجي ويئي، تنهن ڪوشش ڪئي ته ڪمال خان کي برطرف ڪريان، پر درٻار جا امير ۽ فوج جا سردار سڀ ڪمال خان جي حوالي هئا _ هوءَ ويچاري ڇا ڪاري ٿي سگهي؟ هن کان سواءِ ٻيو چارو ڪونه ٿي ڏٺائين، ته يا ڪمال خان کي گم ڪجي، يا عادل شاهي خاندان گم ٿي وڃي. هن وجهه ڏسي، يوسف تُرڪ کي، جو صغير شهزادي اسماعيل جو ”ڪوڪ“ يا ٿڃ _ شريڪ ڀاءُ هو _ سمجهائي، ڪمال خان ڏي موڪليو، جنهن ماٺ ماٺ ۾ هڪڙي ئي خنجر جي ڌڪ سان ڪمال خان کي پورو ڪري ڇڏيو. يوسف ته هڪدم پڪڙيو ويو، ۽ اُتي جي اُتي قتل ڪيو ويو. ڪمال خان جي ماءُ، انهيءَ وقت ڪمال خان جي پٽ صفدر خان کي سڏي، کيس همٿايو ته”اسماعيل عادل شاهه ۽ پونجي خاتون کي ماري، تون تخت تي ويهي رهه، جو اهو وجهه چڱو آهي، ۽ ساري فوج توسان شامل رهندي“. پوءِ سمجهايائينس ته ”پيءُ جي مرڻ جي خبر ظاهر نه ڪر، ماڻهن کي وڃي چئو ته ڪمال خان ٿو چوي ته مون کي اسماعيل عادل شاهه جي سسي گهرجي، سا لاهي آڻي ڏيو“ . پونجي خاتون کي اڳئي ئي سُجهيو ٿي ته اسان تي آفت اچڻي آهي. قلعي ۾ انهيءَ وقت ڪمال خان جي طرف جا ٽي سئو مغل ۽ ٻه سئو دکني ۽ حبشي سپاهي موجود هئا، انهن کي پونجي خاتون سڏي چيو ته ”اوهان کي خبر آهي ته هيءُ تخت عادل شاهه جو آهي، اسماعيل اڃا ٻار آهي، ڪمال خان، اسان کي برطرف ڪري، پاڻ بادشاهه ٿيڻ ٿو گهري: اوهان مان جيڪي اسان جا خيرخواهه، طرفدار ۽ وفادار آهن. سي قلعي ۾ رهي اسان جي مدد ڪريو، ۽ جيڪي پنهنجو ساهه پيارو ڪن، سي قلعي مان نڪري وڃن. اوهين دشمنن جي گهڻائيءَ کان نه ڊڄو ڪمال خان کي پنهنجي نمڪ حرامائيءَ جي پاڻيهي سزا ملندي“. پڪ هئي ته اهڙيءَ حالت ۾ ڪير ٿو پونجي خاتون جو طرف وٺي؟ ٽن سون مغلن مان اڍائي سئو، ۽ حبشين ۽ دکنين مان فقط سترهن سپاهي پونجي خاتون جا طرفدار ٿيا، ٻيا سڀ، قلعي مان نڪري، وڃي صفدر خان سان گڏيا. اها عقلمندي ڪري. هن خاتون دشمنن کي قلعي مان ڪڍي ڇڏيو، نه ته جيڪر پهرين خود انهن مان خرابي پهچيس ها، تنهن کانپوءِ هن هيئن ڪيو جو چئني پاسن کان قلعو کڻي بند ڪيائين، انهن ٻن _ ٽن سون سپاهين کي محلات جي ڇت تي بيهاري ڇڏيائين، ۽ پاڻ پونجي خاتون، دلشاد آغا خواجه سراءِ، يوسف عادل شاهه جي ڀيڻ، ۽ ٻيون ڪي زالون، اسماعيل عادل شاهه سان گڏ، تير _ ڪمان هٿ ۾ کڻي، ڇت تي بيهي رهيون. صفدر خان وڏو لشڪر وٺي قلعي تي ڪاهي آيو. ڇت تان پونجي خاتون ۽ سندس طرفدارن، انهن تي پهڻ آڻي وسايا، اتفاق سان، انهيءَ وقت مصطفيٰ آقا، عادل شاهي خاندان جو هڪڙو قديم نمڪ حلال سردار، پنجاهه توبون توپچين سميت وٺي، خاتون جي مدد لاءِ اچي نڪتو _ اُهي مٿي اچي توبون هڻن لڳا، صفدر خان پنهنجيءَ ماءُ جي حڪم پٺيان، موٽي ويو ته وڏيون توبون آڻي قلعي کي ڀڃي ڀوري اُڏائي ڇڏي. پونجي خاتون ۽ ٻين زالن ڏٺو ته جي اهي توبون آيون، ته پوءِ اسين ڪي به ڪري نه سگهنديونسين، انهيءَ کان اڳي ڪا تجويز ڪبي، ته ڪري سگهبي. سو، سڀني اهو ٺهراءُ ڪيو ته مرد سپاهي سڀ لڪي وڃن، ۽ زالون اتي بيٺيون رهن دشمن سمجهندو ته سپاهي زالن کي قلعي ۾ ڇڏي، پاڻ ڀڄي ويا آهن. نيٺ ائين ڪيائون _ سپاهي هيڏي هوڏي لڪي ويا، ۽ زالون بيهي رهيون. دشمنن جڏهن فقط زالن کي ڏٺو ، تڏهن خوش ٿي قلعي تي ڪاهي آيا، ۽ قلعي جو دروازو ڀڃي وڌائون، زالن آڱر به نه چوري بيٺي تماشو ڏٺائون. صفدر خان مرضي هئي ته پهريون دروازو ڀڃي ٻيو به ڀڃي، ته اوچتو لڪيل سپاهين ٻاهر نڪري مٿن اهڙي زور سان حملو ڪيو، جو هي بيهي نه سگهيا. انهيءَ طرح، ٻن _ ٽن سون ماڻهن، هڪڙيءَ وڏيءَ فوج سان وڙهي، هنن کي شڪست ڏني، ۽ پنهنجو قلعو بچايو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page 20 .html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 71 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}