اسپنج
اسپنجز Temporal range: سانچو:پنڊپھڻ جو دؤر | |
---|---|
چلھي جي پائيپ جھڙو اسپنج | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | پوريفيرا |
درجا | |
اسفَنج يا اسپنج (Sponges)، يوڪيريئوٽا جي ڪنگڊم، اينيميليا (Animalia) جو ھڪ فائلم آھي جنھن جو نالو پوريفيرا (Porifera) آھي. اها غير ڪرنگھيدار جانورن جو فائلم ۽ رشتي ۾ ڊپلوبلاسٽ جاندارن جي ڀينرن ۾ شمار ٿين ٿا.[1][2][3][4][5]
ھن جانور جا جيو گھرڙا تمام سادہ ھوندا آھن جيڪي ھڪ شڪل کان ٻي شڪل ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. ھنن جي اندر نہ تنتي سرشتو (Nervous system) ھوندو آھي نہ اي ھاضمي جو نظام ۽ نه وري رت جي گردش جھڙو ڪو سرشتو ھوندو اٿن. ان جي بدران انھن ۾ پاڻي جو وھڪرو گذرندو رھندو آھي، جن کان آڪسيجن ۽ خوراڪ ملندي اٿن ۽ فالتو مادا نيڪال ٿيندا اٿن. اھو هڪ قسم جي سامونڊي مخلوق آهي، جيڪا گروهن ۾ رهي ٿي. اها سمنڊ جي تري ۾ يا سامونڊي پهاڙ (Coral Reef) جي پاسن کان چنبڙيل هوندي آهي. قدرتي طرح هن جو جسم جيليءَ يا پنير جهڙو کوکلو ٿئي ٿو ۽ وقت اچڻ تي هي خودبخود ٻه اڌ ٿئي ٿو ۽ ٻئي اڌ حصا، جدا جدا حيثيت سان وري پاڻ مان ٻيو جسم پيدا ڪن ٿا. اهو جسم سُڪڻ کان پوءِ نرم ۽ سوراخدار ٿي پوندو آهي. جيڪو گهڻن ڪمن ۾ ايندو آهي. هن ۾ پاڻياٺ چهڻ جي گهڻي صلاحيت آهي.[6] اسپنج جانورن جي ارتقائي وڻ مان پنھنجي ساڳين ابن ڏاڏن کان ڌار ٿيندڙ ھي پھرين شاخ ھيو. تنھن ڪري کيس جانورن جي ڀيڻ جو درجو ڏنو ويو.[7]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Feuda, Roberto; Dohrmann, Martin; Pett, Walker; Philippe, Hervé; Rota-Stabelli, Omar; Lartillot, Nicolas; Wörheide, Gert; Pisani, Davide (2017). "Improved Modeling of Compositional Heterogeneity Supports Sponges as Sister to All Other Animals" (en ۾). Current Biology 27 (24): 3864-3870.e4. doi: . PMID 29199080. http://linkinghub.elsevier.com/retrieve/pii/S0960982217314537.
- ↑ Pisani, Davide; Pett, Walker; Dohrmann, Martin; Feuda, Roberto; Rota-Stabelli, Omar; Philippe, Hervé; Lartillot, Nicolas; Wörheide, Gert (15 December 2015). "Genomic data do not support comb jellies as the sister group to all other animals" (en ۾). Proceedings of the National Academy of Sciences 112 (50): 15402–15407. doi: . ISSN 0027-8424. PMID 26621703. PMC 4687580. Bibcode: 2015PNAS..11215402P. http://www.pnas.org/content/112/50/15402.
- ↑ Simion, Paul; Philippe, Hervé; Baurain, Denis; Jager, Muriel; Richter, Daniel J.; Franco, Arnaud Di; Roure, Béatrice; Satoh, Nori et al. (3 April 2017). "A Large and Consistent Phylogenomic Dataset Supports Sponges as the Sister Group to All Other Animals" (English ۾). Current Biology 27 (7): 958–967. doi: . ISSN 0960-9822. PMID 28318975.
- ↑ Giribet, Gonzalo (1 October 2016). "Genomics and the animal tree of life: conflicts and future prospects" (en ۾). Zoologica Scripta 45: 14–21. doi: . ISSN 1463-6409.
- ↑ سانچو:Cite biorxiv
- ↑ اسپنج : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ http://www.cell.com/current-biology/pdf/S0960-9822(17)31453-7.pdf Improved Modeling of Compositional Heterogeneity Supports Sponges as Sister to All Other Animals