مواد ڏانھن هلو

پروٽيڪٽينيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروٽيڪٽينيم(انگريزي: Protactinium) جنھن کي پھرين پروٽو ايڪٽينيم(انگريزي: Proto actinium ) ھڪ ڪيميائي عنصر آهي جنھن جو نشان Pa ۽ ايٽمي نمبر 91 آھي.اھو ھڪ گھاٽو ، چاندي جھڙي ڀوري رنگ جو ايڪٽينائيڊ ڌاتو آھي جيڪو آڪسيجن، پاڻي جي بخارن ۽ غير نامياتي تيزابن سان جلدي ردعمل ڏيکاريندو آھي. ان مان کوڙ ڪيميائي مرڪب ٺھندا آھن جن ۾ پروٽيڪٽينيم آڪسيڊيشن 5+ واري حالت ۾ موجود ھوندي آھي ۽ اھا 4+, 3+، 2+ واري حالت ۾ بہ ملندو آهي. زمين جي ٻاھرين تھ ۾ پروٽيڪٽينيم جي گھاٽائي وارا ھنڌ في کرب حصن مان چند حصن ۾ آھن. پروٽيڪٽينيم جي سڀ کان اول 1913 ۾ پولش آمريڪن طبعي ڪيميادان ڪازمير فيانس (Kasimir Fajans) ۽ جرمن ڪيميادان آزوالڊ ھيلمٿ گوئرنگ(Oswald Helmuth Göhring) سڃاڻپ ڪئي جن ان جو نالو بريويم (brevium) رکيو ڇوتہ ان جي مخصوص آئسوٽوپ جي اڌ جي عمر مختصر ھئي جنھن جو نالو پروٽيڪٽينيم-234 ھو. 1917 يا 1918 ۾ پروٽيڪٽينيم جو وڌيڪ مضبوط آئسوٽوپ 231 جرمن ڪيميادان اوٽو ھان(Otto Hahn) ۽ آسٽرو سوئيڊش طبعياتدان ليزا مائيٽنر(Lise Meitner) دريافت ڪيو ۽ انھن ان جو نالو پروٽو ايڪٽينيم رکيو پر آء يو پي اي سي(IUPAC) 1949 ۾ ان جو نالو پروٽيڪٽينيم رکيو ۽ اوٽو ھان ۽ ليزا مائيٽنر کي ان جو دريافت ڪندڙ قرار ڏنو. نئين نالي جي معني نيوڪليئر پرڪرسر جو ايڪٽينيم آھي.[1]

خاڪو

[سنواريو]
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڪيميائي تت تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ پروٽيڪٽينيم (سلجھائپ) ڏسو.
ميگنيشيئم
12 Mg
Magnesium
Official logo of ميگنيشيئم
حالت (STP تي) سالڊ
ايٽمي انگ (Z) 12
ايٽمي وزن (A) 24.31
گروپ 2
سيريز 3
بلاڪ s-block
اليڪٽران جي ترتيب [Ne] 3s2
اليڪٽران في شيل 2, 8, 2
ايٽمي ريڊيس 160 پيڪو ميٽر
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول) پهرين: 737.7
ٻئي: 1450.7
ٽئي: 7732.7
آڪسائيڊيشن نمبر عام: 0,+2,+1
گھاٽائي (20°C تي) 1.737 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
1.584 گرام/cm3 (پگھرائڻ جي نقطي تي مائع حالت ۾)
وجود شروع کان (primordial)
اليڪٽرو نيگيٽيئٽي 1.31 (پالنگ اسڪيل)
Government
طبيعي خاصيتون
 • اُبلڻ جو نقطو (1363°K) (1091°C)
 • پگھلڻ جو نقطو (923°K) (650°C)
 • پگھرائڻ لاء حرارت 8.48 ڪلو جول في مول
 • ٻاڦ جي حرارت 128 ڪلو جول في مول
 • مولر گرميء گنجائش 24.869 جول في مول.ڪيلون

حوالا

[سنواريو]