پروٽين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پروٽين   Protein

”اصغر ساگر“

پروٽين يوناني ٻولي جو لفظ آھي جنھن جي معنا آھي اول يا پھريان.  پروٽين ٽرين جي بوگين وانگر ٿئي ٿو ۽ ھر بوگي کي Unit چئبو آھي. پروٽين اسان جي جسم جي واڌ ويجھ لاء ضروري آھي. پروٽين جسم ۾ ھر گهرڙي جو اھم مرڪب آھي.پروٽين جسم جي نشو نما ڪري ٿو ۔  جسم جا زخم ٺيڪ ڪري ٿو ۔ جسم ۾  پيدا ٿيندڙ ڪيميائي رد عملن کي منھن ڏئي ٿو ۔ ننھن ۽ وار ٺاھي ٿو ۔ اوڄن جي مرمت ڪري ٿو ۔ خامرن ۔ ھارمونن ۽ ٻين ڪيميائي مادن کي جوڙي ٿو ۽ چمڙي ۔ رت ۔ ھڏن ۽ مشڪن جي اوسر ڪري ٿو. ھي اسان جي جسم ۾ ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿو ۽ اسان جي جسم کي طاقت ۽ گرمي ڏيئي قوت ڏئي ٿو.

اسان جي جسم ۾ پاڻي کان پوء پروٽين جو مقدار سڀ کان وڌيڪ آھي انسان جي جسم ۾ ھڪ لک مختلف پروٽين ھوندا آھن. اسان جو جسم ۾ 18 کان 20 سيڪرو پروٽين تي مشتمل ٿئي ٿو. طبي ماھرن جي مطابق ھڪ ڪلو جسم جي وزن لاء ھڪ گرام پروٽين لاء لازم آھي جيڪڏھن 70 ڪلو وزن آھي تہ جسم لاء 70 گرام پروٽين لازم آھي.

پروٽين ماليڪيولن جو مجموعو آھي ۔ ھي بنيادي طور امينو ايسڊ مان ٺھن ٿا. امينو ايسڊ ڇا آھن؟ انساني گهرڙي ۾ پاڻي کان پوء سڀ کان اھم ماليڪيول امينو ايسڊ ٿين ٿا جيڪي پروٽين جوڙڻ ۾ مدد ڪن ٿا. پروٽين ڪاربان ۔ ھيڊروجن ۔ آڪسيجن ۔ نائٽروجن ۽ امينو ايسڊن جي ھڪ يا وڌيڪ ڪڙين جا ٺھيل ھوندا آھن. پروٽين جا ٽي نمونا ٿين ٿا.

(1) تاندوردار ۔ ريشيدار      Fibrous

(2) گولدار                       Globular

(3) جهليدار                 Membrane

پروٽين جو ڪم جسم ۾ رونما ٿيندڙ تمام ڪيميائي عملن ۾ عمل انگيزي جو ڪم ڪرڻ ۔ گهرڙن کي وڌائڻ ۔ ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ ۽ ڊي اين اي ٺاھڻ آھي. ھي گهرڙن جي مرمت ڪري ٿو ۽ قد وڌائي ٿو. جن ٻارن کي پروٽين نٿي ملي انهن جو قد رڪجي وڃي ٿو. پروٽين جي ڪري جسم ۾ آڪسيجن جذب ٿيڻ جي رفتار باقائدي رھي ٿي.

جسم ۾ گھٽ ھئڻ بہ بيمارين جو سبب ٿئي ٿي. پروٽين جي گھٽ ھئڻ ڪري وار سنھا ، جسم سنھو ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ ٻارن کي پروٽين جي ڪمي ھئڻ ڪري پيٽ جي سوڄ  ٿي ويندي آھي. ھن جي غير موجودگي ۾ ڳاڙھن گهرڙن جو تعداد گهٽجي وڃي ٿو. پروٽين انساني جسم جي وڌڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿي. پروٽين جي ڪمي سان نٻل پن ۔ وار ڪرڻ ۔ جسماني ڪمزوري ۔ سوڪھڙي جو مرض ۔ جسماني ٿڪ ۽ ٽوڙ ڦوڙ مطلب پورو جسم متاثر ٿئي ٿو.

غذائي اعتبار سان ڏٺو وڃي تہ نشاستي ۔ سڻڀ ۽ پروٽين جو شمار وڏي گروھ ۾ ڪيو وڃي ٿو ان جو سبب ھي آھي جسم کي انهن ٽنهي غذائي شين يعني وٽامن ۽ معدنيات جي وڌيڪ ضرورت پوي ٿي.اسان جي جسم ۾ نشاستو ۽ سڻڀ محفوظ رھي سگهي ٿو پر پروٽين جسم ۾ ذخيري جي صورت ۾ گهڻو وقت رھي نٿي سگهي ان ڪري ئي اسان جو جسم پروٽين تي گهڻو ڀاڙي ٿو. اسان روزانو غذا کائون ٿا ڇوجو اسان جي جسم کي نشاستي ۽ سڻڀ جي ڀيٽ ۾ پروٽين جي وڌيڪ ضرورت پوي ٿي. ان ڪري روزانو جي مناسبت متوازن پروٽين استعمال ڪجي. وقت جي ڦيري سان ڪڪڙ ۔ ڏھي ۔ مڇي ۔ پنير ۔ بيدا ۽ دالون استعمال ڪندو رھجي جيئن پروٽين جو پوراء ٿي سگهي.

چرٻي Fat ۽ نشاستي Carbohydrates سان گڏ پروٽين خورد غذا Macronutrient آھي جنھن جو مطلب آھي تہ جسم کي انهي جي ڳانڍاپيل وڏي مقدار جي ضرورت ھوندي آھي. وٽامن ۽ معدنيات جن جي صرف ننڍي مقدار ۾ ضرورت ھوندي آھي انهن کي خوردغذا Macronutrient چئبو آھي نشاستي ۽ چرٻي جيان جسم پاڻ ۾ پروٽين ڪٺي نٿو ڪري ان ڪري ڪم آڻڻ لاء ذخيرو نہ ھوندي آھي جڏھن تہ ان کي نئين فراھمي جي ضرورت پوندي آھي.

جسم جا عضوا وڌائڻ ۾ پروٽين اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ڪري باڊي بلڊر پروٽين کي گهڻو استعمال ڪندا آھن. جي توھان ٻل چاھيو ٿا ۔ وزن وڌائڻ چاھيو ٿا ۔ سنهاڻ ختم ڪرڻ چاھيو ٿا تہ پروٽين وڌيڪ استعمال ڪريو.

پروٽين ۽ رت :-

اسان جي جسم ۾ لڳ ڀڳ 20 ھزار مختلف قسمن جا پروٽين ٺھن ٿا جن کي ٺاھڻ ۾ جين ھدايتون ڏيندا رھن ٿا انهن مان تقريبن ھڪ ڀاڱي ٽي پروٽين انفرادي خلين جي جهلي جي سطح تي يا گهرڙن جي اندر مختلف جڳھن تي نصب ٿين ٿا جتي ھي مختلف اھم ڪم سرانجام ڏين ٿا مثال طور ڪجھ پروٽين گهرڙن جي جهلي ۾ اھي مالڪيولي چينل تشڪيل ڪن ٿا جيڪي گهرڙن کي غذائيت فراھم ڪن ٿا. اھڙي طرح ڪجھ پروٽين گهرڙن جي اندر ماحول کي جاچڻ لاء جاچڻي Censor طور ڪم ڪن ٿا يعني گهرڙن جي اندرين حالتن جي نظرداري ڪن ٿا نہ صرف غذا جي ھاضمي کان پوء جسم ۾ جيڪي پروٽين ٺھن ٿا اھي پروٽين گهرڙن جي اندر پھچن ٿا. تازي جديد تحقيق مطابق ھڪ خورد جيوڙو Becterium جي جهلي کان مختلف پروٽين بيڪيٽيريم جي گهرڙي جي اندر داخل ٿين ٿا. خورد جيوڙو Bacterium  جي تمام گهڻين پروٽينن مان ٻہ پروٽين اھڙا ٿين ٿا جيڪي باقي پروٽينن کي گهرڙي جي جهلي ۾ اندر گهڙي گهرڙي جو حصو ٿيڻ ۾ مدد ڏين ٿا.انهن مان ھڪ پروٽين گوسو insertase جڏھن تہ ٻيو پيچيدھ پروٽين جڳھ بدلو  translocase ٿئي ٿو جن ۾ تمام گهڻن پروٽينن جا ماليڪيول ھڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪن ٿا انهن ٻنهي پروٽينن جي ڪري گهرڙي جي سطح ۾ ھڪ سوراخ کلي وڃي ٿو جنھن مان باقي پروٽين گهرڙي جي اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. گهرڙي جي اندر داخل ٿيڻ کان پوء مختلف پروٽينن جا ماليڪيول ٽہ پيمائشي جوڙجڪ Three dimentional structure جوڙين ٿا ائين گهرڙي جي ڀت يا گهرڙي جي اندروني نظام جو حصو ٿي وڃن ٿا ۽ جسم جي نشونما ڪن ٿا. ھن تازي تحقيق کان پوء سائنسدان بھتر کان بھتر دوائون بنائي سگهن ٿا جن ۾ انهن جي مڪينزم استعمال ڪري دوائن کي سڌو سنئون گهرڙن جي اندر داخل ڪري سگجي ٿو مثال طور ھن ٽيڪنالاجي سان ڪينسر جي گهرڙن کي مارڻ لاء دوا سڌي سنئين ڪينسر ورتل گهرڙن جي اندر موڪلي سگهجي ٿي تہ نہ صرف ڪينسر جا گهرڙا ختم ٿين ۽ صحتمند گهرڙن کي نقصان نہ پھچي. ان کان سوا ھن ٽيڪنڪ سان مصنوعي پروٽين ٺاھڻ ۽ انهن مصڻوعي گهرڙن سان جڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي جيڪا مصنوعي زندگي ٺاھڻ طرف وڏو قدم ھوندي.

پروٽين ۽ معدو :-

جڏھن اسان غذا کائون ٿا تہ معدو کاڌي کي امينو کٽ ۾ تبديل ڪري ٿو جنھن کي ننڍو آنڊو جذب ڪري ٿو ھتان امينو کٽ جيري تائين پھچن ٿا جيرو ان ڳالھ جو فيصلو ڪري ٿو تہ اسان جي جسم ۾ امينو کٽ ڪھڙا آھن پوء جيرو انهن کي الڳ ڪري باقي ايسڊن کي پاڻي ذريعي جسمن مان خارج ڪري ٿو.

پروٽين ۽ ڏورا :-

پروٽين پوري مقدار ۾ نہ وٺڻ سان وار ڪرن ٿا ۔ چمڙي ۾ ڦوٽھڙو ٿئي ٿو ۔ وزن گهٽجي ٿو ۽ ڏورن ۾ ڇڪ پيدا ٿئي ٿي. ڪمزوري جي حالت ۾ طاقت وڌائڻ لاء ورزش ڪرڻ سان پروٽين ٽٽڻ لڳن ٿا، ايتري ۾ ڏورن کي طاقتور بنائڻ لاء پروٽين جي ضرورت پوي ٿي تہ جيئن ڏورن جي مرمت ٿي سگهي. پروٽين ۾ پاتو ويندڙ پروٽين ليوسڻ امينو تيزاب گهڻو مددگار ٿئي ٿو. ڳالھ طئي آھي تہ پروٽين جي متوازن خوراڪ جسم کي ھلڪو ۽ فٽ رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي.

پروٽين ۽ ھڏ :-

بناوٽ جي لحاظ کان سڀ هڏا هڪ جھڙا هوندا آهن. هڏي جو ٽيھ سيڪڙو 30 سيڪڙو حصو بناوٽي عنصرن يعني هڪ مضبوط پروٽين Collogen جي سخت ڌاڳن تي مشتمل هوندو آهي ۽ 60 سيڪڙو معدني شين يعني چوني Calcium ۽ فاسفورس جو ۽ 10 سيڪڙو ٻين معدنيات تي مشتمل ٿئي ٿو. هڏي جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو نامياتي جزي ڪولوڄن جي مضبوط ڌاڳن جي صورت ۾ هڪ خاص ترتيب سان ڦھليل هوندو آهي. ان جي وچ ۾ هڏي جا گهرڙا آسٽيوبلاسٽ ۽ آسٽيو ڪلاسٽ هوندا آهن، جن سان هڏن جي ٺھڻ جو عمل ٿيندو آهي. نامياتي مادو هڏي جي مضبوطيءَ جو ڪارڻ آهي. هڏي جو غير نامياتي مادو 2/3 سيڪڙو هوندو آهي. ان جو گهڻو جزو ڪئلشيم فاسفيٽ آهي جيڪو هڏي کي ان جي سختي ڏئي ٿو. ڪجھ هڏين ۾ وچ جي نالي ۾ چرٻيدار مادو هوندو آهي جنھن کي مِکُ (Marrow) چئبو آهي. اهو نامياتي مادو آهي، جنهن جي غذا تمام گهڻي هوندي آهي. هڏين جو باقي 10 سيڪڙو ٻين غير نامياتي شين، جهڙوڪ: مئگنيشيم وغيره تي مشتمل هوندو آهي. هڏي ۾ اندر ٿورڙو پاڻيءَ جو مقدار بہ هوندو آهي. عمر جي نسبت سان هڏين ۾ معدني مادي جو مقدار ڪجھ وڌندو ويندو آهي.

پروٽين ۽ مغز :-

مغز يا گريون جن ۾ اخڙوٽ ۔ بادام ۔ بوھي منڱ ۔ پستا ۔ ڏونگهي ۽ کاڄا شامل آھن اھي پروٽين سان سرشار ٿين ٿا. ھڪ تحقيق مطابق انهن گرين ۾ 15 کان 20 سيڪڙو پروٽين ۔ 50 کان 60 سيڪڙو تيل ۔ 9 کان 12 سيڪڙو نشاستو ۔ 3 کان کان 5 سيڪڙو حرارا ۽ ٻيون معدني شيون ٿين ٿيون. روغن پيدا ڪرڻ جي خاصيت جي ڪري گرين ۾ توانائي وڌيڪ ٿئي ٿي ايتري جيتري پروٽين مغزن جي اندر ٿئي ٿي ۽ ايتري پروٽين سبزين ۾ نٿي ٿئي.ھربل عالمي ماھر ڊاڪٽر ڪيلوڪ مطابق تمام نباتاتي خوراڪن ۾ سڀ کان بھتر پروٽين گرين يا مغزن ۾ ٿئي ٿو. مغزن يا گرين مان ملندڙ پروٽين حيوانن جي گوشت کان وڌيڪ طاقت بخش آھي ۽ ھنن ۾ گوشت جي لڳاتار کائڻ وانگر نقصان نٿا ٿين.

پروٽين جا ڪم :-

Building blocks.  بند ٺاھڻ ۔ دوڳ ٺاھڻ

Proteins make up the hair, nails, muscles, hormones etc

پروٽين وار ۔ ننھن ۔ مشڪون ۽ ھارمون ٺاھن ٿيون.

Many hormones are protein in nature; Hormones control growth and metabolic activities of the body.

ڪيترا ھارمون قدرتي طور پروٽين ھوندا آھن. ھارمون جسم جي واڌ ويجھ ۽ گهرڙبدل سرگرمين کي ضابطي ۾ رکن ٿا.

Enzymes are globular protein. ...

خامرا گولدار پروٽين آھن.

Transport of oxygen. ...

آڪسيجن جي آمدرفت ڪري ٿو.

Makes blood Clotting.

رت کي دڳو ڪن ٿو.

Boosts immunity.

مدافعت ڏئي ٿو.

Gives muscles contractility.

مشڪي چيڙھ ڏئي ٿو.

پروٽين جا اھم ذريعا :-

100 گرام ڪڪڙ ڇاتي گوشت ۾ 30 گرام پروٽين

100 گرام مڇي ۾ 26 گرام پروٽين

100 گرام پنیر ۾ 32 گرام پروٽين.

100 گرام بیف (ڳئون جي گوشت) ۾ 36 گرام پروٽين

100 گرام لوبیا (سفید، ڳاڙھي سائي) ۾ 18 گرام پروٽين

100 گرام دال (مسور) ۾ 26 گرام پروٽين

100 گرام چڻن ۾ 19 گرام پروٽين

100 گرام بيدي ۾ 13 گرام پروٽين

100 گرام کير ۾ 6 گرام پروٽين

100 گرام خشڪ ميون (مثال بادام، پستا، منڱيرا) ۾ 33 گرام پروٽين.

پروٽين جي کوٽ جون علامتون :-

کائڻ جي وڌيڪ خواھش رھڻ :-

جيڪڏھن ھر وقت بک رھي ۽ وات ھلائڻ جي خواھش ذھن ۾ رھي تہ ھي علامت پروٽين جي کوٽ ۽ نشاستي ۽ کنڊ جي گهڻائي  کي ظاھر ڪري ٿي ائين ٿيڻ سان ماڻهو وڌيڪ ڪيلرين کي استعمال ڪن ٿا نتيجي طور پروٽين جي کوٽ ٿي وڃي ٿي.

مشڪن جي مقدار ۾ گهٽتائي :-

مشڪون جسم ۾ پروٽين جو وڏو ذخيرو گڏ ڪن ٿيون مشڪن جي ڪمزوري ۔ درد يا مشڪن جي گهٽتائي پروٽين جي کوٽ جي واضح نشاني آھي. ھڪ تحقيق مطابق اھا کوٽ وچين عمر يا وڏي عمر وارن ۾ ٿئي ٿي. پروٽين مشڪن جي نشونما ۽ استحڪام لاء نھايت ضروري آھي

ننھن جا مسئلا :-

پروٽين جي کوٽ ننھن کي ڪمزور ۽ ڀرڀرو ڪري ٿي. ڪجھ واقعن ۾ ننھن تي سفيد ۽ ڀورا نشان بنجي وڃن ٿا. اھڙي طرح پروٽين جي کوٽ ناڪاري اثر ڇڏي ٿي ڇوجو پروٽين گهرڙن جي بحالي لاء نون گهرڙن جي تشڪيل ڪري ٿي ھنجي کوٽ ھجي تہ جسم تي خشڪي ۔ پرت ۽ ڦوٽھڙو اچي وڃي ٿو.

وار ڪرڻ يا گنجو پن :-

اسان جا 90 سيڪڙو وار پروٽين جي ھڪ قسم ڪيرٽين تي مشتمل ٿين ٿا ھن جي کوٽ جي ڪري وار ھلڪا ۽ رنگت کان محروم ٿي وڃن ٿا ۽ پروٽين جي استعمال سان وار محفوظ ٿي سگهن ٿا.

جيري تي چرٻي چڙھڻ :-

جيري تي چرٻي چڙھڻ پروٽين جي کوٽ آھي جنھن جي ڪري سوڄ ٿيڻ ۔ لڪيرون پوڻ جھڙا عارضا جنم وٺن ٿا عام طور تي الڪوحل پيئڻ وارن ۾ پروٽين جي کوٽ رھي ٿي.

ھڏ ڪمزور ٿيڻ :-

پروٽين جي کوٽ جا ھڏين تي اثر پون ٿا ۽ ھڏيون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون جنھن جي ڪري ھڏين ٽٽڻ جو خطرو رھي ٿو اھو ان ڪري ٿئي ٿو جو ڪئلشم کي جذب ڪرڻ لاء ۽ ھڏين جي گهرڙبدليت لاء پروٽين جي ضرورت پوي ٿي.

ننڊ نہ اچڻ :-

سمهڻ ۾ تڪليف اچي يا ننڊ جي کوٽ رھي تہ اھا پروٽين جي کوٽ آھي. غذا مان حاصل ٿيڻ واري پروٽين ٽرائيپٿون تيار ڪري ٿي ھي امينو ايسڊ ننڊ لاء ضروري آھي سمهڻ کان پھرين پروٽين واري غذا استعمال ڪرڻ سان سٺي ننڊ اچي ٿي

دماغ تي ڌنڌ اچڻ :-

دماغ جي صحت لاء پروٽين ضروري آھي. ھن جي کوٽ سان ويسر ۔ دماغ تي ڌنڌ ۽ ڪجھ نئون سکڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنھن شي ۾ دل نٿو لڳي.