پاڪستان اسٽيٽ آئل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان اسٽيٽ آئـل پاڪستان جي هن سڀ کان وڏي پيٽروليم ڪمپنيءَ جو بنياد 3 جون 1974ع تي پيو، جنهن کي پهرين ”پاڪستان اسٽوريج ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن“ سڏيو ويو، ان بعد هڪ نئين منصوبي هيٺ ”اسٽيٽ آئل ڪمپني لميٽڊ“ سڏي وئي. هيءَ ڪمپني وفاقي حڪومت جي هٿ هيٺ رهي. ان ۾ پاڪســتــان نيـشــنـل آئل لمـيـٽڊ (PNO) ۽ پريميئر آئل ڪمپني لميٽڊ (PCC) کي به ضم ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ ان کي پبلڪ لميٽڊ ڪمپنيءَ ۾ تبديل ڪري، ان کي پاڪستان اسٽيٽ آئل ڪمپني(PSO) رکيو ويو. هن ڪمپنيءَ جي مقصدن ۾:

  • (1) خودڪفيل سرڪاري پاليسيءَ موجب پيٽروليم مصنوعات جي مارڪيٽنگ ۾ وڌ ۾ وڌ حصيداري،
  • (2) پيٽروليم شعبي ۾ مارڪيٽنگ، اسٽوريج، ورهاست ۽ وڪري جي ترقياتي پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت،
  • (3) عام شهرين ۽ آبادگارن جي عام استعمال لاءِ پيٽروليم جي هر وقت موجودگي يقيني بڻائڻ،
  • (4) پيٽرول جي شين ۾ ملاوٽ خلاف مدد ڪرڻ وغيره شامل آهن.

پي. ايس. او وفاقي حڪومت جي مقرر مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندي آهي. ڪمپني پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وزارت هيٺ آهي. ڪمپنيءَ جي هيڊ آفيس ڪراچي، ڪلفٽن ۾ واقع آهي.