پالماخ
پالماخ | |
---|---|
![]() پالماخ جو نشان | |
سرگرم | 1941–1948 |
ملڪ | ![]() ![]() |
نوعيت | حملو ڪندڙ فورس |
حصو | ھگانا |
مخصوص چوڻي | "سان ھر حڪم مڃڻ لاءِ تيار آھيون" "לפקודה תמיד אנחנו" |
ڪمانڊر | |
مشھور ڪمانڊر | اسحاق سادھ, يگال ايلن, اسحاق ربن، موشي داين |
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/9/9c/PikiWiki_Israel_782_Women_of_the_PALMACH_at_Ein_Gedi_%D7%91%D7%A0%D7%95%D7%AA_%D7%94%D7%A4%D7%9C%D7%9E%27%D7%97_%D7%91%D7%A2%D7%99%D7%9F_%D7%92%D7%93%D7%99.jpg/220px-PikiWiki_Israel_782_Women_of_the_PALMACH_at_Ein_Gedi_%D7%91%D7%A0%D7%95%D7%AA_%D7%94%D7%A4%D7%9C%D7%9E%27%D7%97_%D7%91%D7%A2%D7%99%D7%9F_%D7%92%D7%93%D7%99.jpg)
![](http://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/thumb/c/cb/Almog_IL8_Betkeshet.jpg/220px-Almog_IL8_Betkeshet.jpg)
پالماخ(انگريزي: Palmach) عبراني اڪرونم طور ان کي پلوگاٽ مھاتز (انگريزي: Plugot Maḥatz) يعني ڌڪ ھڻندڙ ويڙھاڪ(انگريزي: "strike forces") چوندا ھئا. اھا ھگانا جي ھڪ چونڏيل ويڙھاڪن جي فورس(انگريزي: Elite Force) ۽ مينڊيٽري برطانوي فلسطين جي علائقن ۾ فلسطيني يھودين جي خفيہ فوجي تنظيم ھئي. ھگانا جي مرڪزي ڪمان ان جو بنياد 15 مئي 1941 ۾ رکيو ۽ يتزھاڪ سادھ کي ان جو ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو ..[1]. شروع ۾ ھن گروپ ۾ ھڪ سؤ ميمبر ھيا ۽ ھن گروپ برطانوي فوج سان تعاون ڪندي لبنان ۽ شام ۾ فرانس جي مدد ۾ ڪم ڪيو. انھن کي برطانيا جي فوج کان تربيت پڻ ملي ۽ انھن بغير معاوضي جي ڪم پئي ڪيو رڳو انھن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مالي مدد ٿيندي ھئي. 1942 م ال الامين جنگ ۾ اتحادي فوجن جي سوڀ کان پوءِ برطانيا ھن فوجي تنظيم کي جڏهن ختم ڪري ڇڏيو تہ پوءِ ان خفيہ ڪم شروع ڪيو. فلسطيني گھرو ويڙھ جي شروعات ۾ ان جي 2000 ميمبر ويڙھاڪ مرد ۽ عورتن کي ٽن برگيڊن ۾ ورھايو ويو. اسرائيلي فوج جي قيام بعد انھن ٽنھي برگيڊن کي ختم ڪيو ويو. [2] پلماخ جا ميمبر اسرائيلي فوج ۽ حڪومت م وڏن عھدن تي فائز رھيا .
حوالا
[سنواريو]- ↑ Yigal Allon, Shield of David, ISBN 978-0-297-00133-1, 1970. p. 117
- ↑ Peri, Yoman (1983). Between battles and ballots – Israeli military in politics. CUP. ISBN 0-521-24414-5.