مواد ڏانھن هلو

پاريھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاريھر ڪبوتر
جرمني جو نر پاريھر
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ڪولمبا
جنس: Template:Taxonomy/ڪولمبا{. لويا
حياتياتي نالو
ڪولمبا لويا
جوھان فريڊرڪ جميلن, 1789[2]
     لڳ ڀڳ پاريھر جو وطن     نئين آمد وارا علائقا
Columba livia

پاريهر يا پاريل(انگريزي: Rock Dove) ڪبوتر جو ھڪ قسم آھي جنھن جو حياتياتي نالو ڪولمبا لويا (انگريزي: Columba Livia ) آهي.

جسم جي بناوٽ

[سنواريو]

29 کان 37 سينٽي ميٽر جسامت وارو هي پکي عام گھريلو ڪبوترن جو بنيادي ۽ جھنگلي نسل آهي. پرن جي پکيڙ کي ملائجي ته 62 کان 72 سينٽي ميٽر هوندي اٿس. هن جو وزن 238 کان 380 گرامن تائين ٿيندو آهي. نيرڙي سُرمائي رنگ جي هن جھنگلي ڪبوتر کي پَرن تي ڪاري رنگ جون ٻہ پٽيون هونديون آهن ۽ ڪنڌ تي سائو چمڪدار کَنڀن جو ڪنٺو ٿئي ٿو. ڳچي ۽ ڪنڌ هلڪو واڱڻائي، چُهنب ڪاري ۽ ٽنگون ڳاڙهيون ٿينديون اٿس.

نسل جي واڌويجھ

[سنواريو]

پاريهر تقريبن سڄو سال آنا ڏيندا آهن پر بهار ۽ گرمين ۾ گھڻا دفعا آنا ڏيندا آهن. مادي پاريهر 2 اڇَا آنا ڏيندي آهي ۽ مادي ۽ نر ٻئي ملي واري واري سان آرو ڪندا آهن. هنن جو آرو 17 کان 19 ڏينهن جو ھوندو آھي.

رهائش

[سنواريو]

ان جو آکيرو ڪکن، تيلين ۽ کنڀن تي ٻڌل هڪ ننڍڙي ٿَلهي وانگر ٿئي ٿو. هر هنڌ مقامي ٿئي ٿو ۽ لڏپلاڻ نه ٿو ڪري.

اڪثر ويران مقبرن، ڦٽل کوهن، پُلن جي ٿنڀن، ويران جاين ۽ جبلن جي ڏرڙن ۾ نظر ايندو آهي.

پاريھر جنھن ڪبوتر ۽ پاليهر به چون. اُن جو رنگ نيرو سائو ۽ پير ڳاڙهي رنگ جا ٿيندا آهن. هي جهنگ ۾ ڪونه رهن پر ڳوٺن ۾ رهن. هنن کي جي روز داڻا اُڇلائي ڏبا ته پٽ تان واريءَ مان يڪدم چونڊي وٺندا. روزانو مقرر وقت تي وَلر اچي حاضر ٿيندو[3].

حوالا

[سنواريو]
  1. BirdLife International (2016). "Columba livia". IUCN Red List of Threatened Species (IUCN) 2016: e.T22690066A86070297. doi:10.2305/IUCN.UK.2016-3.RLTS.T22690066A86070297.en. http://oldredlist.iucnredlist.org/details/22690066/0. Retrieved 4 January 2017. [مئل ڳنڍڻو]
  2. [https://www.itis.gov/servlet/SingleRpt/SingleRpt?search_topic=TSN&search_value=177071     "Columba livia    "] Check |url= value (مدد). Integrated Taxonomic Information System    . حاصل ڪيل 2008-02-23.  Unknown parameter |taxon= ignored (مدد); line feed character in |publisher= at position 44 (مدد); line feed character in |title= at position 18 (مدد); line feed character in |url= at position 86 (مدد)  
  3. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو