پاريهر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاريھر ڪبوتر
Paloma bravía (Columba livia), Palacio de Nymphenburg, Múnich, Alemania01.JPG
جرمني جو نر پاريھر
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): ڪولمبا
جنس: Template:Taxonomy/ڪولمبا{. لويا
حياتياتي نالو
ڪولمبا لويا
جوھان فريڊرڪ جميلن, 1789[2]
Columba livia distribution map.png
     لڳ ڀڳ پاريھر جو وطن     نئين آمد وارا علائقا
Columba livia

پاريهر يا پاريل(انگريزي: Rock Dove) ڪبوتر جو ھڪ قسم آھي جنھن جو حياتياتي نالو ڪولمبا لويا (انگريزي: Columba Livia ) آهي.

جسم جي بناوٽ[سنواريو]

Rock dove.jpg

29 کان 37 سينٽي ميٽر جسامت وارو هي پکي عام گھريلو ڪبوترن جو بنيادي ۽ جھنگلي نسل آهي. پرن جي پکيڙ کي ملائجي ته 62 کان 72 سينٽي ميٽر هوندي آهي. هن جو وزن 238 کان 380 گرامن تائين ٿيندو آهي. نيرڙي سُرمائي رنگ جي هن جھنگلي ڪبوتر کي پَرن تي ڪاري رنگ جو ٻہ پٽيون هونديون آهن ۽ ڪنڌ تي سائو چِمڪدار کَنڀن جو ڪنٺو ٿئي ٿو. ڳچي ۽ ڪنڌ هلڪو واڱڻائي، چُهنب ڪاري ۽ ٽنگون ڳاڙهيون ٿين ٿيون.

نسل جي واڌويجھ[سنواريو]

پاريهر تقريبن سڄو سال آنا ڏيندا آهن پر بهار ۽ گرمين ۾ گھڻواڪنا ڏيندا آهن. مادي پاريهر 2 اڇَا آنا ڏيندي آهي ۽ مادي ۽ نر ٻئي ملي واري واري سان آرو ڪندا آهن. هنن جو آرو 17 کان 19 ڏينهن جو ھوندو آھي.

رهائش[سنواريو]

ان جو آکيرو ڪکن، تيلين ۽ کنڀن تي ٻڌل هڪ ننڍڙي ٿَلهي وانگر ٿئي ٿو. هر هنڌ مقامي ٿئي ٿو ۽ لڏپلاڻ نه ٿو ڪري.

اڪثر ويران مقبرن، ڦٽل کوهن، پُلن جي ٿنڀن، ويران جاين ۽ جبلن جي ڏرڙن ۾ نظر ايندو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. BirdLife International (2016). "Columba livia". IUCN Red List of Threatened Species (IUCN) 2016: e.T22690066A86070297. doi:10.2305/IUCN.UK.2016-3.RLTS.T22690066A86070297.en. http://oldredlist.iucnredlist.org/details/22690066/0. Retrieved 4 January 2017. 
  2. [https://www.itis.gov/servlet/SingleRpt/SingleRpt?search_topic=TSN&search_value=177071     "Columba livia    "] Check |url= value (مدد). Integrated Taxonomic Information System    . حاصل ڪيل 2008-02-23.  Unknown parameter |taxon= ignored (مدد); line feed character in |publisher= at position 44 (مدد); line feed character in |title= at position 18 (مدد); line feed character in |url= at position 86 (مدد)