مواد ڏانھن هلو

پائيدار ترقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پائيدار ترقي (Sustainable Development) زندگيءَ جي معيار کي بهتر بنائڻ جي سرگرمي، جيڪا خاص طور تي انهن ملڪ ۾ سرانجام ڏني وڃي، جن جو سياسي، معاشي ۽ سماجي ڍانچو هيڻو ۽ مسئلا وڌيل هُجن. ان سلسلي ۾ اُسريل يا ترقي ڪيل ملڪن ۽ بين الاقومي ادارن طرفان اُسرندڙ يا ترقي ڪندڙ ملڪن جي مختلف شعبن ۽ ادارن لاءِ اهڙيون رٿائون جوڙيون وينديون آهن، جن جا اثر گهڻ مُدتي ٿين. انهن رٿائن ۾ اڏاوتون، رابطائي سرشتا، صحت، تعليم، صنعت ۽ فني سهڪار سميت گهڻا ئي شعبا اچي وڃن ٿا. رٿائن جي اوليت لاڳاپيل ملڪن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وڃي ٿي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. Sustainable Development | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, اصل کان 07 جنوري 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 سيپٽمبر 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)