پئن اسلامزم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسلامي ملڪ              سني اسلام              شيعه اسلام      عبادي

پئن اسلامزم(انگريزي: Pan Islamism ) ھڪ سياسي نظريو آهي جيڪو ھڪ مسلمان ملڪ يا رياست يعني خلافت ھيٺ سڀني مسلمانن جي اتحاد يا شرعي اصولن واري بين الاقوامي اسلامي تنظيم جي ڳالھ ڪري ٿو.[1] ھي نظريو بين الاقواميت وارو نظريو آهي جيڪو قومپرستي کي رد ڪري ٿو. جي ايم سيد مطابق پئن اسلامزم خلافت جو بدليل نالو آھي. مذھب کي سياست سان گڏي ھلائڻ لاءِ مسلمانن خلافت جو ادارو قائم ڪيو ھو، جو ڪجهه وقت کان پوءِ پنھنجي افاديت وڃائي ويٺو. ان ڪري پھريان ٽي خليفا شھيد ٿيا. امام حسين عليہ السلام رسول اڪرم جو ڏوھٽو شھيد ٿيو. ڪجهه عرصو انھيءَ اداري تي بني اميه گھراڻي جو تسلط رھيو. ڪجهه وقت کانپوءِ انھيءَ گھراڻي کي زوريءَ ٻاھر ڪڍي، ان تي بني عباس قبيلي قبضو ڪيو، جن بني اميه خاندان جي قبرن جا نشان به مِٽائي ڇڏيا. ڪجهه وقت تائين اھو ادارو بني عباس خاندان ۾ ھليو، جن کي اندروني سازش جي اشاري تي منگولن اچي ختم ڪيو. ان کانپوءِ ڪجهه وقت لاءِ اھو ادارو بني فاطمين جي ھٿ ۾ رھيو. جتان تبديل ٿيندي، آخر ترڪن جي حوالي ٿيو[2].

تاريخ[سنواريو]

اسلامي تعليمات م لفظ پئن اسلامزم جو ڪو ذڪر ناھي پر ان لاءِ لفظ خلافت جو استعمال ٿيل آهي. ماضي قريب ۾ پين اسلامزم جو وڏو وڪيل جمال الدين افغاني ھيو جنھن جو خيال هو ته قومپرستي مسلمان دنيا کي ورھائي ڪمزور ڪري ڇڏيندي. ھن جو خيال ھو تہ مسلم امت واري سڃاڻپ نسلي ۽ قوميتي سڃاڻپ کان مقدم آھي[3]. پئن اسلامزم جي تحريڪ بيٺڪي دؤر ۾ زور ورتو ھو. ان وقت ترڪ خلافت موجود ھئي ۽ تحريڪ بيٺڪي ملڪن م ھلي جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت ھئي. ان تحريڪ خلافت جي حمايت ڪئي ۽ مسلم دنيا کي يورپي ملڪن جي تسلط کان آزادي وٺي اسلامي رياست ۾ شامل ٿيڻ تي زور ڏنو. جي ايم سيد مطابق جيستائين تُرڪ طاقتور ھئا، خلافت کي ھلائيندا رھيا؛ پر اُنھن جي ڪمزور ٿيڻ بعد، انگريزن، ڪن مصلحتن جي خيال کان، سيد جمال الدين افغانيءَ معرفت سڀني مسلمان حڪومتن کي متحد ڪرڻ جي دعوا جي بنياد تي پئن اسلامزم جي تحريڪ ھلائي[2]. انھن مان ھڪڙو سندن مقصد ھيءُ ھيو ته روس، فرانس ۽ جرمنيءَ جي طاقتن کي مشرق طرف وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ترڪ سلطنت کي مضبوط ڪيو وڃي. ليڪن پھرين مھاڀاري لڙائيءَ وقت، ڇاڪاڻ ته انگريز پنھنجين مصلحتن ڪري فرانس ۽ روس سان شامل ھئا، جي وري ترڪ سلطنت جا مخالف پئي رھيا ھئا، اِنھيءَ ڪري ترڪن وڃي جرمنيءَ جي طرف جنگ ۾ شرڪت ڪئي[2]. ان تي انگريزن وري پنھنجي پاليسي بدلائي، ترڪيءَ جي ماتحت ملڪن، عراق، شام، عرب، مصر وغيره کي عرب قوم پرستيءَ (نئشنلزم) جي بنياد تي، ترڪن جي خلاف اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي[2]. خلافت جي خاتمي بعد صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ پوء پئن اسلامزم جي جاء تي لفظ اسلامزم استعمال ٿيڻ لڳو جنھن جي پرچار ڪندڙن ۾ مصر جي سيد قطب شھيد، پاڪستان جي ابوالاعلي مودودي ۽ آيت الله خميني شامل ھئا.

حوالا[سنواريو]

  1. Bissenove (February 2004). "Ottomanism, Pan-Islamism, and the Caliphate; Discourse at the Turn of the 20th Century". BARQIYYA (American University in Cairo: The Middle East Studies Program) 9 (1). Archived from the original on September 23, 2015. https://web.archive.org/web/20150923180140/http://www.aucegypt.edu/GAPP/mesc/Documents/Barqiyya%20feb.04.pdf. Retrieved April 26, 2013. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 ڪتاب جو نالو: جديد عالمي سياست مصنف: جي ايم سيد؛ ڇپائيندڙ: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ، حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال: 1978- [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-09-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  3. World Book Encyclopedia, 2018 ed., s.v. "Muslims"