مواد ڏانھن هلو

ٽوگگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽوگگ
مقامي نالو Türkiye'nin Otomobili Girişim Grubu A.Ş.
قسم پبلڪ
صنعت آٽوموٽو
اھم شخصيتون
  • سرجيو روچا ( چيئرمين )
  • مھمٽ گرڪان ڪاراڪاش (پريزيڊنٽ)
صنعتي پيداوار آٽوموبائيلز
خدمتون بينڪاري، مالياتي معاملا ، ليزنگ
مالڪ
  • انادولو گروپ (19سيڪڙو)
  • بي ايم سي (19سيڪڙو)
  • ترڪ-سيل (19سيڪڙو)
  • زورلو هولڊنگ (19سيڪڙو)
  • ٽوبب (5سيڪڙو)

ٽوگگ (انگريزي: Togg) بجلي تي ھلندڙ گاڏيون ٺاھيندڙ ترڪي جي ھڪ ڪمپني جو نالو آھي. جنهن جو صدر دفتر گيبز، ڪوڪيلي صوبي، ترڪي ۾ واقع آهي. ھي ڪمپني ترڪي جي پنج ڪمپنين گڏجي 2018ع ۾ ٺاھي. ھن ڪمپني جو ھڪ اسيمبلي پلانٽ 2022 ۾ گيملڪ، برسا صوبي ۾ کوليو ويو، ساڳي جاءِ تي ٽوگ جي ماتحت ڪمپني سيرو پڻ موجود آھي، جيڪا ليٿيم آئن بيٽريون ٺاھيندي آھي. ھن ڪمپني جي پهرين گاڏي، Togg T10X جو وڪرو مارچ 2023 ۾ شروع ٿيو. نومبر 2023 تائين، ھن ڪمپني جون گاڏيون 10 وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ برانڊس ۾ شامل ھئي.[1]

تاريخ

[سنواريو]

ٽوگگ بجلي تي ھلندڙ ڪارون ٺاھيندڙ ترڪي جي پھرين وڏي ڪمپني آھي، جنھن کي ترڪي جي حڪومت جو سھڪار حاصل آھي،[2] پر ھي گاڏيون ٺاھيندڙ ترڪي جي پھرين ڪمپني ناھي. ترڪي جي پھرين ڪمپني ڊيورم ھئي جنھن 1961ع تائين 4 تجرباتي گاڏيون جوڙيون ھيون. 100 سيڪڙو بجلي تي ھلندڙ گاڏيون ٺاھڻ لاءِ ٽوگگ ترڪي جي پنج ڪمپين جي سھار سان قائم ڪئي وئي، جنھن کي حڪومت، يونين آف چيمبرس، ترڪش اسٽاڪ ايڪسچينج جي مدد حاصل آھي.[3][4]

حوالا

[سنواريو]