ٽريالاجي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽريالاجي __(Triology):

هي اصطلاح ابتدا ۾ يوناني ڊرامن لاءِ استعمال ٿيندو هو ۽ هن وقت خاص طور ناولن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ڪوبه ناول ٽن حصن ۾ لکيل هجي ۽ ان جو هر حصو مڪمل ناول هجي، ۽ انهن ٽنهي حصن ۾ ڪهاڻيءَ جو تسلسل هجي ته ان کي ناول جي ”ٽريالجي“ چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ بهترين مثال سراج ميمڻ جو ناول “پياسي ڌرتي رمندا بادل” آهي، جيڪو ٽن حصن: (1) ”منهنجي دنيا هيڪل وياڪل“، (2) ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“، (3) ”منهنجي دنيا مرگهه ترشنا“ تي مشتمل شايع ٿيل آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي