مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ٽرانسفارمر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٽرانسفارمر (transformer) هڪ ڊوائيس آهي ايڪو متبادل ڪرنٽ جي وولٽیج کي وڌائڻ يا هيٺ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان جي ايجاد مشھور سائنسدان مائيڪل فيراڊي ڪئي هئي. ٽرانسفارمر ڊي سي (ڊائريڪٽ ڪرنٽ) تي نہ هلندا آهن يعني بيٽري جي وولٽيج کي مٿي يا هيٺ نہ ٿا ڪري سگهن.

مختلف ٹرانسفارمرز
مختلف ٽرانسفارمر
ٹرانسفارمر کی ڈایاگرام
ٽرانسفارمر جو خاڪو

ٽرانسفارمر ڪيئن ڪم ڪندو آهي؟[سنواريو]

هڪ ٽرانسفارمر ۾ ٻہ ڪوائل ھوندا آهن. هڪ کي سيڪنڊري ڪوائل ۽ ٻئي کي پرائمري ڪوائل سڏيو ويندو آهي. عام طور تي اهي ٻہ ڪوائل لوھ جي پٽڙين (جيڪي انسوليٽڊ ھونديون آھن) تي ويڙھيل هوندا آهن. ٻنهي ڪوائلن ۾ تار جي موڙن جو تعداد انهن جي وچ ۾ وولٽیج سان تناسب ۾ ھوندي آهي. جڏهن هڪ ڪوائل ۾ ڪرنٽ وهندو آهي تہ مقناطيسي انڊڪشن ذريعي ٻئي ڪوائل ۾ بہ ڪرنٽ وهندو آهي. آئوٽ پٽ وولٽیج کي موڙن جي تعداد کي وڌائڻ يا گهٽائڻ سان سيٽ ڪري سگهجي ٿو.

ھيوي ڊيوٽي ٽرانسفارمر[سنواريو]

گرڊ اسٽيشنن تي لڳل ھيوي ڊيوٽي ۽ ھاءِ وولٽيج ٽرانسفارمر انتھائي گرم ٿي ويندا آھن. انهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ٽرانسفارمر تيل استعمال ڪيو ويندو آھي.

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

  • وولٽيج
  • وولٽیج وڌائڻ
  • ڪرنٽ
  • ڊائيوڊ
  • ڪيپيسيٽر
  • وائر گيج
  • ريڪٽيفائر
  • برج ريڪٽيفائر