بجليءَ جو ڪرنٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو

بجليءَ جو ڪرنٽ: بجليءَ جي ڌار: اليڪٽرڪ ڪرنٽ: Electric current:

سال 1780 ۾ اٽليءَ جي طبيب ليوگي گئلواني ڏيڏرن تي تجربا پئي ڪيا. ھڪڙي مئل ڏيڏر کي لوھ جو ڪنڍو ھڻي ٽنگيائين ۽ ھڪ تکي پتل جي چاقو سان ڪم پئي ڪيائين تہ چاقو اتفاق سان ڪنڍي ۾ لڳو ته ڏيڏر جي ٽنگ زور سان لت ھنئي . حيراني ۾ ٻہ دفعا وري ڪري ڏٺائين ۽ وري وري ٽنگ سٽ ڏني. وري لوھ يا رڪ جي چاقو سان ايئن ڪيائين پر ڪو اثر نه ٿيو پر چاندي جي چاقو سان اڃان بہ وڌيڪ زور سان لت لڳي پئي اھڙي طرح ھن نتيجو ڪڍيو تہ ڏيڏر جي جسم ۾ بجلي ھئي جنھن کي ھن حيواني animal electricity جو نالو ڏنو.  ھن کي بجلي منڊل electric cell جو پورو اصول ھٿ اچي ويو پر ڳالھ سمجھ۾نہ پئي آيس. ڪجھ سالن کان پوءِ اٽليءَ جي پروفيسر ائليسانڊرو وولٽا وري گئلواني جي تجربي کي دھرايو ۽ سمجھيائين تہ ان جھٽڪي جو سبب حيواني بجلي نہ پر ڪو ٻيو آهي.گھڻن تجربن کان پوءِ ان راء تي پھتو  تہ اھا بجلي جسماني نہ پر اھا ٻن ڌاتن تي ھڪ پاڻياٺي جي اثر ڪري پيدا ٿئي ٿي. ھن معلوم ڪيو تہ جست ۽ چانديءَ جي چڪرن جي وچ ۾ جي کاري پاڻي ۾ پسيل ڪاغذ ڏبو تہ جلد بجلي پيدا ٿي ٿئي. مختلف تجربن سان وولٽا ٻن ڌاتن تي ڪيميائي اثر سبب بجلي پيدا ٿيڻ جو راز ڳولي لڌو ۽ اھڙي طرح بجليءَ جي سيل يا منڊل ٺاھڻ جو پورو اصول ۽ طريقو ملي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {جنرل سائنس: مترجم: ڊاڪٽر علي احمد قاضي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}