ٽاڪرو ٻڪرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

Sindh ibex
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Capra
ذيلي نسل: Template:Taxonomy/Capra
جنس: Template:Taxonomy/CapraC. aegagrus
ذيلي جنس: Template:Taxonomy/CapraC. a. blythi
Trinomial name
Capra aegagrus blythi
Hume, 1875
ٽاڪرو ٻڪرو

ٽاڪرو ٻڪرو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Sindh Ibex چون ٿا، جبل جا ماڻهو ڪٿي ڪٿي هن کي سرهه به چون ٿا.[1]

قد ڪاٺ[سنواريو]

ٽاڪرو ٻڪر جو رنگ اڪثر ڀورو خاڪي ٿئي ٿو، مگر سندس رنگ سدائين هڪ جهڙو نه ٿو ٿئي، مند ۽ عمر آهر ان ۾ تبديلي ٿيندي رهي ٿي، جيئن ته سياري ۾ رنگ ڦڪائڻ ڏانهن مائل ٿئيس ٿو ۽ ٻڍن ٻڪرن جو رنگ بلڪل جهڪو ٿي وڃي ٿو. گرم موسم ۾ وري بدن تي جيڪي ڪارا پٽا اٿن سو گهڻو ڪري گم ٿي وڃن ٿا. نر جي منهن جو رنگ دونهاٽيل بلڪه ڪارو ٿئي ٿو. ڳچيءَ ۽ ڇاتيءَ تي به ساڳيو ڪارسرو رنگ نظر ايندو. گلي جي چوگرد هڪ ڪارو پٽو ٿئي ٿو. اهڙو ئي ڪارو پٽو سندس پٺيءَ جي ڪنڊي تائين، پڇاڙيءَ تائين به ٿئي ٿو.[1]

ٻڪر کي ننڍي موچاري ڏاڙهي به ٿئي ٿي، جيڪا کاڏي کان هيٺان پئي لڙڪندي آهي. ماديءَ کي ڏاڙهي ڪا نه ٿئي. نر جا سڱ وڏا خنجر مثل ۽ پوئتي وريل ٿين ٿا. اهي نرڙ وٽان شروع ٿين ٿا، مگر جيئن ئي مٿي وڌن ٿا، تيئن هڪ ٻئي کان پنهنجو پاڻ پري رکن ٿا.[1]

اهي اڪثر ساڍا 3 فوٽن کان 5 فوٽن تائين ڊگها ٿين ٿا. سندس چوٽي اڪثر جبلن سان گسڻ ڪري ان ۾ ڳنڍ ڳنڍ ٿين ٿا. ماديءَ جا سڱ ننڍا ٿين ٿا ۽ اٽڪل فوٽ کن ڊگها ٿين ٿا. نر جي پيٽ جو رنگ اڇيرو ٿئي ٿو ۽ پاسن کان ناسي رنگ جا پٽا ٿين ٿا. جيڪي پرين ٽنگن تائين هليا وڃن ٿا. ماديءَ جو رنگ نر کان هميشه جهڪيرو ٿئي ٿو.[1]

رھائش ۽ سڀاءُ[سنواريو]

ٽاڪرو ٻڪر اڪثر ڪري جبلن جي چوٽين تي رهي ٿو، سمنڊ جي مٿاڇري کان هڪ هزار فوٽن جي اوچائي کان هيٺ ورلي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. سنڌ ۾ هميشه ۽ مکيه رهائش جو هنڌ پٻ جبل آهي. بلوچستان، افغانستان، ايران ۽ ايشيا مائينر تائين سندس اصل نسل قائم آهي. بيشڪ قدرت کيس جبلن جي ڏانو تي ٺاهيو آهي. ٽڪرن تان ٽپن ڏيڻ ۾ حيرت انگيز نمونا اختيار ڪري ٿو. مٿان ٽپو ڏيئي جنهن هنڌ تي پير کپندس اتان هڪ انچ به نه ٿڙندو، جيئن ئي ٽپا ڏيئي بس ڪندو ۽ هڪدم بيهي ويندو. اڪثر جبلن جي چوٽين تي رهندو آهي. جيستائين ٿڌڪار لاچار نه ڪندي اٿس، تيستائين هيٺ نه لهندو آهي، جبلن تي ڀڄڻ ۽ گوهين ۾ اهڙو آهي، جو پڪڙڻ ئي نه ڏئي، باقي پڌري پٽ جو تکو نه آهي، ٽڪرن تي مٿي وري ائين چڙهندو آهي جو اک ڇنڀ ۾ وڃي چوٽي تي پهچندو.[1]

ٽاڪرو ٻڪر سڀاءُ جو ڊڄڻو، مگر سدائين خبردار آهي، جيڪڏهن نماز مهل (اسر جو) اڪيلو وڃي جبل جي چوٽيءَ تي پهچبو ته پوءِ ڪٿي ڪٿي نظر ايندو. ڏينهن جو آرام جي طلب ٿيندي اٿس ته ڳولي ڳولي اوچي چوٽيءَ تي وڃي ليٽندو. سانجهيءَ جو چاري لاءِ ماٿري ۾ هيٺ لهندو ۽ جلد ئي وڃي مٿانهين ماڳ ٿيندو. ٽاڪر ٻڪر جو گوشت لذيذ ٿئي ٿو، مگر جيئن ته اڻ لڀ آهي ۽ سندس نسل جو قدرت ۾ قائم هئڻ زيبدار آهي، تنهن ڪري هن کي شڪار ڪرڻ نه گهرجي، سندس کلون تمام ڪارائتيون آهن. سندس سڱ پينو فقير کڻي گهمندا آهن ۽ هن کي وڄائيندا پڻ آهن. سندس پيٽ ۾ بي زهر (Zoar-Be) ٿئي ٿو، جو هڪ سائي پٿر جو مثل آهي، هن جو ملهه مهانگو ٿئي ٿو، ڇوته نانگ جي زهر لاءِ علاج طور ڪم ايندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.