ٻٻر جي ڪول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيوڊومرميڪس فيروجنيئا

Pseudomyrmex ferruginea
ٻٻر واري ڪول

Pseudomyrmex ferrugineus worker
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: جانور
تقسم: آرٿروپوڊ (Arthropoda)
درجو: جيت
ترتيب: ھئمنوپٽيرا(Hymenoptera)
خاندان: ڪول(Formicidae)
ذيلي خاندان: سيوڊومرميسناء

(Pseudomyrmecinae)

نسل: سيوڊومرميڪس (Pseudomyrmex)
جنس: P. ferruguinea
حياتياتي نالو
سيوڊومرميڪس فيروجنيئا
فريڊرڪ سمٿ

1877 [1]

ٻٻر جي ڪول يا اڪاسيا آنٽ انگريزي ٻولي: Acacia Ant سيوڊومرميڪس فيروجنيئا (Pseudomyrmex ferruginea) وڏين اکين واري سنھڙي نارنگي مائل ناسي رنگ جي ھڪ ڪول جو قسم آھي جيڪا عام طور تي 3 ملي ميٽر جي ٿيندي آهي. ڪول جي اھڙي جنس آھي جنھن جو تعلق سيوڊومرميڪس ڪول سان آهي. وچ آمريڪا ۾ ٻٻر جي وڻن جو ھڪ وڏن ڪنڊن وارو قسم آھي جنھن جي ڪنڊن جي پاڙ ۾ سوراخ ڪري ان جي خول ۾ ھي ڪول رھندي آھي، ان ڪري ان جو نالو ٻٻر جي ڪول (acacia ant) پئجي ويو.ان وڻن جا پن ننڍا ٿين ٿا پر ڪنڊا وري وڏا ٿين جيڪي گاھ کائيندڙ جانورن کان وڻ جي حفاظت ڪندا آهن. انھن وڻن جا پن گاھ کائيندڙ جيتن جي پن خوراڪ آھن جيڪي وري ھن ڪول جو شڪار ٿيندا آهن جنھن ڪري ھن ڪول کي وڏن ڪنڊن وانگر ٻٻر جي وڻن جو محافظ بہ سڏيو ويندو آهي.[2]

The "horns" of the Acacia cornigera

حوالا[سنواريو]

  1. Renthal et al. 2008
  2. {EXTRAORDINARY ANIMALS An Encyclopedia of Curious and Unusual Animals Ross Piper Illustrations by Mike Shanahan GREENWOOD PRESS Westport, Connecticut • London}