ٺگز آف هندوستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٺگز آف هندوستان
خانو معلومات

ٺگز آف هندوستان (سنڌي: هندوستان جا ٺڳ) (انگريزي: Thugs of Hindostan) هڪ ڀارتي بالي وڊ جي فلم آهي جيڪا 300 ڪروڙ ڀارتي رپيئن ۾ ٺهندڙ هڪ مهانگي ڀارتي فلم آهي،[1] [2] هيءَ فلم نومبر 2018ع ۾ ڏياري (ديوالي) جي موقعي تي جاري (رليز) ٿئي هئي۔[3] [4]

آکاڻي[سنواريو]

1775ع ۾، جڏهن ننڍو کنڊ هندستان يا هندوستان سڏبو هيو، ان وقت بادشاه سڪندر مرزا بيگ کي جان ڪلائيو ماري ڇڏي ٿو. سندس بادشاهت جا رهاڪو ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران قتل عام ڪري ماريا وڃن ٿا ۽ انهن جي ڌرتيءَ کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان الحاق ڪيو وڃي ٿو. ان سڄِي قتل عام ۾ سڪندر مرزا بيگ جي ڌيءُ ذفيرا بيگ ۽ سندس جنرل خدابخش بچي وڃن ٿا. خدابخش دشمن فوج جي سپاهين کي شڪست ڏئي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ ذفيرا کي پالي تاتي ٿو کيس جنگجو هنر جي تربيت پڻ ڏئي ٿو. هندوستان جا مقامي رهاڪو انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپني خلاف اٿي کڙا ٿين ٿا، انهن جو مکيا سرواڻ جو نالو آزاد آهي، آزاد سان گڏ مقامي رياست جي اڪيلي وارث ذفيرا پڻ آهي جنهن جي ڀاءُ ، ماءُ ۽ پيءُ کي هڪ ئي ڏينهن سندس سامهون جنرل ڪلائيڊ ماري ڇڏي ٿو، پوءِ اوچتو گهوڙي تي ڊوڙندي ايندڙ آزاد اچي ٿو جيڪو ذفيرا کي رسي سان مٿان ديوار تان ٽپائي پري کڻي وڃي ٿو. ذفيرا جي ذميداري سندس پيءُ آزاد کي سونپي هئي ۽ آزاد ننڍڙي ذفيرا کي پالي ٿو ۽ هوءِ وڏي ٿئي ٿي ۽ آزاد سان گڏجي انگريز سامراج سان وڙهي ٿي. فرنگي ملاح هڪ ٺڳ آهي جيڪو پنهنجي گڏهه تي چڙهي گهمندو رهي ٿو ۽ مخبري ڪري انگريز سرڪار کان ننڍا انعام وٺي چغليون ڪري ٿو. فرنگي ملاح ڪيترائي ڀيرا ڌوڪو ڏيئي ٿو انگريزن کي به ۽ آزاد ۽ ان جي فوج کي پڻ، ذفيرا فرنگي تي شڪ ڪري ٿي ۽ آزاد پڻ کيس شڪ ڪري ٿو پر نيٺ وري جڏهن آزاد پاڻ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي انگريزن جي جهاز کي تباه ڪري ٿو ان کان اڳ هو فرنگيءَ کي ذفيرا جي ذميداري سونپي ٿو ۽ فرنگي کيس چئي ٿو تون وري مون تي ڀروسو ڪرين پيو، ڌوڪو ڏيڻ منهنجي فطرت ۾ شامل آهي، ته آزاد چئيس ٿو ته اعتبار ڪرڻ منهنجي فطرت ۾ شامل آهي.

ڪاسٽ[سنواريو]

  • [اميتاڀ بچن] جو ڪردار خدابخش آزاد (جهازي) جيڪو ٺڳن جو ڪمانڊر آهي.
  • [عامر خان] فرنگي ملاح جو ڪردار نڀائي ٿو، جيڪو هڪ ننڍو وقت وارو اوڌ مان ٺڳ آهي.
  • فاطما ثنا شيخ، ذفيرا بيگ (هڪ جنگجو تيرانداز ٺڳ) جي ڪردار ۾.
  • ڪترينا ڪيف ، سرئيا، هڪ ناچ پيش ڪندڙ ڪلاڪار جي ڪردار ۾
  • محمد ذيشان ايوب، شنيچار، فرنگي جو دوست
  • لائڊ اويئن، جان ڪلائيو، هڪ بي رحم برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپني آفيسر جي ڪردار ۾
  • رونت راءِ، مرزا سڪندر بيگ
  • ستياديو ڪنچارانا، نقاب
  • خالده جان ، بطور امي
  • ديشنا دوگد، ننڍڙي ذفيرا بيگ جي ڪردار ۾.
  • سرحد جوشي، اسلم، مرزا سڪندر بيگ جي پٽ جي ڪردار ۾
  • شاجي چوڌري، ڀوري لال (ٺڳ)
  • عبدالقادي عامر، اظهر علي جي ڪردار نڀائين ٿا[5]

وڌيڪ پڙهو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Highest Budget Movies All Time". boxofficeindia.com. حاصل ڪيل 2019-01-08. 
  2. Onlineindus.com. "ٺگز آف هندوستان ٽئين ڏينهن ئي سئو ڪروڙ ڪلب ۾ شامل". ONLINEINDUS.COM. حاصل ڪيل 2019-01-08. 
  3. Onlineindus.com. "ٺگز آف هندوستان وچ درجي جي فلم قرار". ONLINEINDUS.COM. حاصل ڪيل 2019-01-08. 
  4. "ايڪشن، ڊرامه ۽ ايڊوينچر سان ڀرپور ”ٺگز آف هندوستان“ جو شاندار ٽريلر جاري". آغازِ سنڌ (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2019-01-08. 
  5. "Amitabh Bachchan And Aamir Khan Starrer 'Thugs Of Hindostan' Gets A Release Date". Republic World. حاصل ڪيل 2019-01-08.