يوم ڪپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

يهودي مذهب ۾ هڪ ورهيه ۾ هڪ روزو 24 ڪلاڪن جو رکيو ويندو آهي. ان ڏينهن کي يوم ڪپور (Yom Kippur) چيو ويندو آهي. يهودي مذهب جي مطابق ان ڏينهن خدا اڳئين ورهيه لاءِ نصيب ۽ قسمت لکندو آهي. يوم ڪپور يهودي مذهب ۾ سڀني ڏينهن کان وڌيڪ اهم آهي. جيئن ته يهودي مذب ابراهمي مذهبن جو سڀ کان پهريون مذهب آهي ۽ مسيحي (عيسائي) مذهب ۽ اسلام پڻ ابراهمي مذهبَ آهن تنهنڪري انهن ٽنهي مذهبن ۾ تمام گهڻيون هڪجهڙايون پڻ آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. يوم ڪپور | Indus Asia Online Blog, وقت 2021-12-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-06-03