ياشيڪا آنند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ياشيڪا آنند Yashika Aannand

يشيڪا آنند فوٽو شوٽ ٺاهڻ دوران
پيدائش آگسٽ 1999 (عمر 24 سال)
نيو دهلي, انڊيا
قوميت انڊين
پيشو اداڪارا، ماڊل، اينڪر
سَرگَرمُ سالَ سال 2016–هينئر تائين
ياشيڪا آنند

ياشيڪا آنند هڪ هندستاني فلمي اداڪارا، ٽيليويزن جي شخصيت ۽ ماڊل آهي، جيڪا گهڻو ڪري تامل سينما ۾ ڪم ڪندي آهي. هن جو جنم 4 آگسٽ 1999 تي هڪ پنجابي خاندان ۾ دهلي ۾ ٿيو هو . يشيڪا ڌروانگل پٽينارو (2016) ۾ اداڪارا جي حيثيت سان پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي، مزاحيه ڊرامو اراتو اڙل مراٺو ڪوٺوو (2018) ۾ هڪ اداڪارا طور سندس فني سفر جي سُڃاڻپ بڻيو. هوءَ هڪ فيشن ماڊل پڻ آهي.

ڪيريئر[سنواريو]

ياشيڪا 14 سالن جي عمر ۾ انسٽاگرام ماڊل طور مشهور ٿيڻ بعد اداڪاري ڪرڻ شروع ڪئي. 14 سال جي عمر ۾، ايني اپديٿان (2015) ۽ سينٿانم فلمز ۾ کيس ڪاسٽ ڪيو ويو، پر هن جو ڪردار بعد ۾ ڪڍيو ويو، ڇاڪاڻ ته هو گانا شوٽ ۾ شامل نه ٿي سگهي. انکانپوءِ هن ڪيولائي وينڊم (2016) ، ۾ ترڻ جي سکيا جي هڪ انسٽرڪٽر طور ڪردار ڪيو، جيڪو هن جو پهريون ٿيٽر ڊرامو رليز ثابت ٿيو. يوشڪا اڳئين ڪاميابي 2016 ۾ ٺهندڙ فلم، ڌرووانگل پاتينهارو ۾ ٿي. ننڍي بجيٽ تي ٺهيل اها فلم هڪ ڪاميابي بڻي ۽ هن پنهنجي اداڪارن جي وچ ۾ پنهنجو نالو بڻايو. انکانپوءِ هيءَ پاڊم (2018) ۽ رامياه ٿمبي جي منيار ڪڊومبام (2018) ۾ نظر آئي.

ان کان پوء، ايوانند ارتو آرايل مراٺو ڪوٺو (2018) ۾ ڪردار ادا ڪيو. جيڪا فلم ٿائلينڊ ۾ فلمايل هئي، ان فلم ۾ يشيڪا سميت ٻين اداڪارن جهڙوڪ وهابوي شينڊيليا ۽ چندريڪا روي پڻ ڪردار ادا ڪيو، اها فلم تامل فلم انڊسٽري ۾ ٺاهيل ڪاميڊي فلمن مان هڪ آهي. ان فلم باڪس آفيس ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. ياشيڪا باقاعدي سان سماج ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ مسئلا اٿاريندي آهي.

2018 ۾، هيءَ ڪمل هاسن جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ريئلٽي شو بگ باس تامل جي ٻئي سيزن ۾ نظر آئي. ان کان اڳ مهورتي سيزن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هن سان رابطو ڪيو ويو هيو، پر هن اها آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. پنجين نمبر تي رهندي شو کي ختم ڪندي هن کي 98هين ڏينهن تي شو مان الوداع ڪيو ويو. [1] [2] هن کي الوداع چوڻ کان اڳ پريميئر پروگرام جي ٻئي سيزن دوران ڪجهه ڪم کٽڻ تي 5،000،000 (پنج لک) جو نقد انعام پڻ کيس مليو. هوءَ بعد ۾ اسٽار وجئي جي ”جوڙي لا محدود“ ٽي وي سيريز ۾ صلاحڪار جي طور تي سامهون آئي ، اها سيريز 2019 ۾ نشر ٿي هئي. انکانپوءِ يوشيڪا هڪ ڪارٽون متحرڪ فلم زومبي ۾ مرڪزي ڪردار ۾ نظر آئي. [3] [4] [5]

مان پڻ (مي ٽُو)[سنواريو]

2018 ۾ ، يشيڪا انڊيا ۾ مي ٽو جي مهم دوران پنهنجو پاڻ کي هڪ متاثر جي طور تي متعارف ڪرايو، جتي هن الزام لڳايو ته هڪ ڊائريڪٽر پنهنجي فلم ۾ حصو وٺڻ لاءِ کيس جنسي تعلق رکڻ جو مطالبو ڪندي کيس بدسلوڪي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. آھي. جنهن کان هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڊائريڪٽر تي هن کي جنسي هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو. [6] [7]

فلموگرافي[سنواريو]

  • هي سڀئي فلمون تامل ۾ آهن، جيستائين ٻي صورت ۾ نوٽ نه ڪيو وڃي.
alt= link= اھڙين فلمن کي ظاھر ڪري ٿو جيڪي اڃان رليز ناھن ٿيون
سال فلم ڪردار نوٽ
2016 ڪاولائي ونڊم (ڳڻتي نہ ڪر) ترڻ جي سکيا ڏيندڙ پهرين فلم
ترووانگل پدينارو (سورھن انتھائون) شروتي
2017 پادم (سبق) هندي استاد
2018 ارتو آرائيل مرتو ڪتو (اونداھي ڪمري ۾ ڀوائتو مڪو) ڪاوِي
منييار ڪڊومبم (منييار جو ڪٽنب) پاڻ ”اديپيپي پجاما“ جي گيت ۾ خاص ڪارڪردگي
نوٽا شلپا هڪ ئي وقت تي تيلگو ۾ پڻ فلمائي وئي
2019 ڪاجوڪو 2 (عقاب 2) پاڻ ”اسڪڪالا والا“ گيت ۾ خاص ڪارڪردگي
زومبي ايشوريا
2020 موختي امن پاڻ مھمان طور شامل
اتمني ودئي وانalt= link= فلمسازي
راجا ڀيماalt= link= پاڻ فلمسازي، ھڪ گاني ۾ خصوصي شرڪت

ٽيلي ويزن[سنواريو]

سال شو ڪردار ٻولي چئنل
2018 مايا ديواتائي راگني تامل سن ٽي وي
بگ باس تامل 2 مقابلو ڪندڙ وجي ٽي وي
جوڙي سيزن 10 جج ۽ ٽيم جو اڳواڻ
2019 بگ باس تامل 3 مھمان
2020 روجاه پاڻ سن ٽي وي

حوالا[سنواريو]

  1. "பிக்பாஸ் சீசன் 2-ல் கலந்து கொள்ளும் 18 வயது இளம் போட்டியாளர் இந்த நடிகைதானாம்..!". NewsFast. حاصل ڪيل 18 June 2018. 
  2. "Yashika Anand (Actress) Profile with Bio, Photos, and Videos - Onenov.in". Onenov.in. حاصل ڪيل 14 May 2018. 
  3. Manik, Rajeshwari; January 1, an On; 2019. "Yogi Babu To Star With Yashika Anand In A Horror Comedy". Silverscreen.in. حاصل ڪيل 12 January 2019. 
  4. "Yashika and Yogi Babu team up for a 3D adult horror comedy - Times of India". The Times of India. حاصل ڪيل 12 January 2019. 
  5. Bureau, N. T. "Yogi Babu completes shoot for Zombie". News Today | First with the news. حاصل ڪيل 11 April 2019. 
  6. "#MeToo: Bigg Boss Tamil 2 fame Yashika Anand supports the movement, shares her casting couch experience - Times of India". The Times of India. حاصل ڪيل 11 April 2019. 
  7. "Prominent director propositioned me role". www.thenewsminute.com. حاصل ڪيل 2020-06-20. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]