وڪيپيڊيا بحث:اوطاق
موضوع شامل ڪريوتاريخون |
|---|
سنڌي وڪيپيڊيا تي 20،000 مَضمونن جو سنگِ مِيل پورو ٿيڻ تي واڌايون!
[سنواريو]@مھتاب احمد سنڌي @مومن خان ڏاهري @مومن ڏاهري @Aziz Kingrani @Intisar Ali @Memon2025 @Ibne maryam @[[واپرائيندڙ:Arslanali|Arslanali] @Mujeeb Rahman Chandio @Kaleem Bhatti @KaleemBot @Aursani @Arif80s
پيارا ساٿيو!، سلام،
اسان سڀني جي لاءِ اها ڏاڍي سُرهائيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌي وڪيپيڊيا اڄ 20،000 مضمونن جو اهم سنگ ميل (مائيلسٽون Milestone)پارِ ڪري ورتوآهي.هيءَ سڦلتا اسان جي ماءُ ٻولي سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل دنيا ۾ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي.
هن سفر ۾ جنهن به ساٿيءَ پنهنجي قلم، وقت، علم وسيلي ڀاڱو ورتو آهي، اُهي سڀ واڌاين جا حقدار آهن، انهن سڀني کي جَسُ هُجي. هيءَ اُها گڏيل ڪوشش آهي جنهن سان سنڌي ٻوليءَ کي عالمي سطح تي ڄاڻ جي خزاني ۾ هڪ معتبر مقام ملي رهيو آهي.
سنڌي وڪيپيڊيا جي سموري سٿ کي هن خوشيءَواري موقعي تي لک لک واڌايون هُجَن!..
آسَ ڪجي ٿي ته اسان سڀني جو هي گڏيل جذبو ائين ئي برقرار رهندو ۽ اسان سُتت ئي وَڌيڪ نَوان سنگ ميل پار ڪنداسين. اچو ته گڏجي سنڌي وڪيپيڊيا کي اڃا به وَڌيڪَ شاهوڪار بڻايون.
شاباس سنڌي وڪيپيڊيا سٿ!....
 ؛جوڳي اسد راڄپر ڳالھ 19:19, 30 جنوري 2026 ( يو.ٽي.سي)
- دوستو اھو ٻڌائيندي تمام خوشي محسوس ٿي رھي آھي تہ سنڌي وڪيپيڊيا تي اڄ خير سان 20000 (ويھ ھزار) مضمون پورا ٿيا. سنڌي وڪيپيڊيا فيبروري 2006ع ۾ وجود ۾ آئي تڏھن کان آھستي آھستي ئي صحيح پر لڳاتار وک کڻندي رھي آھي. سنڌي وڪيپيڊيا جي شروعات احسان احمد عرساڻي صاحب جن ڪئي جڏھن تہ وقت بہ وقت کوڙ دوست ايندا ۽ ويندا رھيا. 2018ع ۾ پھرين جولاءِ تي وڪيپيڊيا ڏھ ھزا مضمون پورا ڪيا ۽ اڄ لڳ ڀڳ اٺن سالن کان پوءِ 20 ھزار مضمونن جو ھدف پورو ٿيو آھي. بظاھر اھا ننڍي ڳالھ محسوس ٿيندي ھوندي پر سچ پڇو تہ ان منزل پٺيان گهڻن ئي سنگتين جو پورهيو سمايل آھي جنھن کي نظرانداز ڪرڻ مناسب نہ ٿيندو. اميد آھي تہ اڳلو ھدف 50 ھزار مضمون پورا ڪرڻ ۾ ٻيا دوست بہ ساٿ ڏيندا ۽ ان ۾ ايڏو وقت نہ لڳندو. سدائين آباد ھجو.🙏🌹😊 جوڳي اسد راڄپر ڳالھ 19:44, 30 جنوري 2026 ( يو.ٽي.سي)