وڪيپيڊيا:منتظم حليو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حُليو منتظم (انگريزي: Interface administrators) وڪيپيڊيا جا اهڙا رضاڪار آهن، جن کي وڪيپيڊيا جي خاص صفحن سي ايس ايس، جاوا اسڪرپٽ، ۽ جي ايس او اين صفحا (جيئن ذريعات وڪي:Common.css، ذريعات وڪي:Common.js، يا ٻين اوزارن وارا صفحا جيڪي خاص:Gadgets ۾ درج هجن)، ذريعات وڪي جي نانءُ فضا (نيم اسپيس) وارا صفحا ترميم ڪرڻ جو اختيار ڏنل آهي. اهڙا صفحا ان وقت لوڊ ٿيندا آهن، جڏهن رضاڪار وڪيپيڊيا مان مضمون پڙهڻ چاهين يا ان ۾ ترميم ڪرڻ چاهين، ڄاڻيل صفحن جي مدد سان وڪيپيڊيا ڪيئن نظر اچي، اهو پڻ ترميم ذريعي بدلائي سگھجي ٿو. يا وري ڪيترا ڏکيا اواز پڻ هن گروپ جا واپرائيندڙ جوڙي سگھن ٿا.

ڪنهن واپرائيندڙ کي هن گروپ لاءِ چُونڊڻ کان اڳ سوچڻ گھرجي تہ ڇا هو اعتماد جوڳو آهي؟ ڇو تہ CSS/JS يا خاص صفحن جي ترميم جو حق ڏيڻ اتنهائي زميواري جو ڪم آهي، اهڙي واپرائيندڙ کي هن گروپ لاءِ چونڊيو وڃي جنهن کي CSS/JS جي بنيادي ڄاڻ هجي، ۽ کيس معلوم هجي تہ هو ڪهڙي ريت مضبوط ڳُجھو لفظ (يعني پاسورڊ) استعمال ڪري پنهنجي کاتي کي چوري ٿيڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪڏهن ممڪن هجي تہ هن گروپ سان واسطو رکندڙ منتظمين ٻه مرحلا تصديق پنهنجي کاتي تي نافظ ڪن.

هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي هن قسم جا 2 منتظمَ موجود آهن.

اختيار

هن گروپ ۾ ڪنهن واپرائيندڙ کي ڪامورا راءِ شماري کان پوءِ اجازت ڏئي سگھن ٿا، ياد رهي راءِ شماري گھٽ ۾ گھٽ 24 ڪلاڪ تائين هلڻ گھرجي جتي ٻيا واپرائيدڙ پنهنجي راءِ پيش ڪري سگھن ٿا.

اختيارن جو خاتمو

ڪامورا هن گروپ جي منتظمن جا اختيار هيٺئين سببن جي ڪري ختم ڪري سگھن ٿا.

  • هڪ سال تائين ڪا بہ ترميم نہ ڪئي وئي هجي.
  • مصروفيتن سبب راضاڪار طور ڪم ڇڏي ڏيڻ.
  • اختيارن جو غلط استعمال.
  • جيڪڏهن هن گروپ سان گڏ منتظم پڻ آهي ته پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري منتظم جا اختيار واپس ورتا وڃن تہ هن گروپ مان بہ سندس اختيار ختم ڪيا ويندا.
  • مجلس مصالحت جي درخواست تي.

نامزدگي

جيڪڏهن ڪنهن کي هن گروھ جي لاءِ متنظم مقرر ڪرڻو آهي تہ مهرباني ڪري هتي وڃي راءِ شماري جو آغاز ڪيو. گذريل راءِ شماريون هتي ڏسي سگھجن ٿيون.