وڪيپيڊيا:منتظم حليو/راءِ شماري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نامزد ڪرڻ

ڪنهن واپرائيندڙ کي هن گروپ لاءِ چُونڊڻ (منتخب ڪرڻ) کان اڳ سوچڻ گھرجي تہ ڇا هو ڀَرِوسي جوڳو آهي؟ ڇو تہ CSS/JS يا خاص صفحن جي ترميم جو حق ڏيڻ اتنهائي ذميواري جو ڪم آهي، اهڙي واپرائيندڙ کي هن گروپ لاءِ چونڊيو وڃي جنهن کي CSS/JS جي بنيادي ڄاڻ هجي، ۽ کيس معلوم هجي ته هو ڪهڙي ريت مضبوط ڳُجھو لفظ (يعني پاسورڊ) استعمال ڪري پنهنجي کاتي کي چوري ٿيڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪڏهن ممڪن هجي تہ هن گروپ سان واسطو رکندڙ منتظمَ ٻہ ٻن مرحلن واري تصديق پنهنجي کاتي تي لاڳُو ڪن.

رد اختيار

منتظم حليو (يعني حُليو لاءِ منتظم يا منتظم براءِ حليو) جيڪڏهن هيٺين معيارن تي پورو لهي تہ مهرباني ڪري انهن کان اختيار واپس وٺڻ لاءِ نامزدگي ۽ راءِ شماري جي شروعات ڪيو.

  • ان پاران هڪ سال تائين ڪا بہ ترميم نہ ڪئي وئي هجي.
  • مصروفيتن سبب راضاڪار طور ڪم ڇڏي ڏيڻ.
  • اختيارن جو غلط استعمال (رِٿا کي ڇيھو رسائڻ، نقصاہ پھچائڻ، وغيرھ)
  • جيڪڏهن هن گروپ سان گڏ منتظم پڻ آهي تہ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري منتظم جا اختيار واپس ورتا وڃن تہ هن گروپ مان بہ سندس اختيار ختم ڪيا ويندا.

نامزدگي

نامزدگي جي لاءِ ھيٺين موجود خاني ۾ واپرائيندڙ نالو جي جڳھ نامزد واپرائيندڙ (يوزر) جو نالو لِکو، ان کانپوءِ نامزد ڪريو تي ٺِڙِڪ (ڪلڪ) ڪريو.
پوءِ نئين صفحي ۾ پنھنجي تحرير نامزدگي وغيره لکو.