وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/22 جُولاءِ 2017

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

  • تہ فرڊيننڊ ميگلان پهريون ڀيرو زمين جو بحري چڪر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو فلپائن جي ويجھو مري ويو تہ ان جي جهاز تي موجود ھڪ ٻي مهم جو خوان سباسٽين ايلڪانو ان ٻيڙي جي اڳواڻي ڪئي ۽ اھڙي طرح ھو پهريون شخص بڻجي ويو جنھن جي سرڪردگي ۾ انسان زمين جي چوڌاري پهريون بحري سفر مڪمل ڪيو.
  • تہ تاريخ جون سو انتھائي متاثر ڪندڙ شخصيتون نالي ڪتاب ۾ مائيڪل ايڇ ھارٽ عمر بن خطاب کي اڄ تائين جي 100 متاثر ڪندڙ شخصيتن جي فھرست ۾ ٻاونجاھ درجي تي رکيو آهي.
  • تہ ارشميدس جون ايجاد ڪيل توپون ايتري قدر مضبوط ھيون جو سيراڪيوز جو گھيراءُ ڪرڻ واري جنرل ڪلاڊيس جي شهر تي قبضو ڪرڻ ۾ پورا ٽي سال لڳا. سيراڪيوز تي قبضو ڪرڻ کان بعد ڪلاڊيس ارشميدس کي معاف ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. پر ھڪ سپاهي اُن کي غلطيءَ ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
  • تہ ڪتاب الاموات، ھڪ قديم مصري دستاويزن جو ميڙ آهي، جنهن ۾ منتر، مناجاتون، دعائون، ۽ حمد وغيره شامل آھن. ھي عام ماڻھو پنھنجي قبر يا تابوت ۾ رکڻ جي لاءِ خريد ڪندا ھيا، انھن جو عقيدو ھو تہ مرڻ کان بعد ان کي پڙھي ڪري ھو ڪجھ فائدا ۽ خصوصي مراعتون حاصل ڪري سگھندا.