وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2020/هفتو 40

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
  • ... ته عورتن کي پهريون دفعو ووٽ جو حق 1893ع تي نيوزيلينڊ ۾ ڏنو ويو، اهو حق آمريڪا ۾ 1920ع ۽ سعودي عرب ۾ 2011ع تي ڏنو ويو.
  • ... ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو بنياد 1989ع تي پيو. ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ هتي سنڌي ٻولي جا اسڪول پڻ هلايا وڃن ٿا.
  • ... ته قديم يوناني رياستن ۾ جڏهن شهري آزاديءَ جو شعور وجود ۾ آيو، تڏهن عالمن جو هڪ اهڙو گروهه پيدا ٿيو جيڪو معاوضي تي سياست، مدنيت، فن تقرير اصول بلاغت، منجهيل معاملن تي سکيا ڏيندو هو. اهڙن پگهاردار عالمن کي سوفسطائي چيو ويندو هو.
  • ... ته 1937ع وارين سنڌ جي صوبائي چونڊ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 22 سيٽون کڻي اڪثريتي پارٽي بڻي، تنهن باوجود سنڌ جي گورنر اقليتي تنظيم سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.
  • ... ته انڊس اسڪرپٽ فونٽ آسڪو پرپولا جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، جي بنياد تي ٺاهيل ڪمپيوٽر فنٽس جو نالو آهي، جيڪي شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙي جوڙيا.