وڪيپيڊيا:وڪي گيپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڪي وِٿي ۾ ڀليڪار! وڪيميڊيا سويرئيج ۽ سويڊش منسٽري آف فارين افيئرز سويڊن سفارتخانن ۽ وڪي ميڊيا سان واسطور رکندڙ مقامي ماڻهن ۽ رضاڪارن جي گڏيل حصيداري ۾ سموري دنيا 2020 دوران انيڪ وڪيپيڊيا ايڊٽ-ٿان کي منظم ڪرڻ جي رٿابندي ٺاهي رهيا آهن. وڪي گيپ کي منظم ڪرڻ جو هي ٽيون سال آهي. 2018 ۾ ايونٽس لاءِ, ڏسو هِتي. 2019 ۾ ايونٽس لاءِ, ڏسو هتي.

#وڪي گيپ ڪُشادي ۽ نرالي شرڪت جي دعوت ڏئي ٿي، ۽ وڪيپيڊيا تي لاڳاپيل نرالي صنفي فرق ۽ ٻين فرقن کي ڀرڻ لاءِ گڏيل موضوع تي مقامي پسگردائي واري ماحول سان لاڳاپو جي اجازت ڏئي ٿي.

مُکيا خيال[سنواريو]

وڪي وِٿي (وڪي گيپ) جو مرڪزي خيال هي آهي ته وڪيپيڊيا تي جنس جي فرق کي ڀريو وڃِي. جيئن ته تعداد جي لحاظ کان وڪيپيڊيا تي ڪم ڪندڙ مردَ رضاڪارن جي ڀيٽ ۾ عورت رضاڪار سڦا ٿورِڙيون آهن ۽ سنڌي وڪيپيڊيا تي ته هڪ به عورت رضاڪار ڀاڱيدار ناهي، تنهنڪري هن رٿا تحت عورتن کي پڻ همٿايو وڃِي ٿو ته اهي وڪيپيڊيا تي پنهنجو کاتو ٺاهي مضمون لکن خاص طور تي معروف عورتن جي سنواح (بايوگرافي) مضمون ۽ عورتن جي ٻين لاڳاپيل موضوعن بابت مضمون لکڻ ئي هن رٿا جو مرڪزي خيال آهي، ته جيئن وڪيپيڊيا تي عورتن بابت مضمونن جي جيڪا گهٽتائي آهي سان پڻ پوري ڪري سگهجي.


وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

Template:WikiGap navbox