وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو جون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سموري دُنيا ۾ 4 اپريل 2020 تائين، ڪووڊ 19 (CoVID-19) مهاماري وبا پکڙجڻ جو نقشو۔ آگاهہ رهجو تہ جيئن تہ هيءَ تيزيءَ سان اُڀرندڙ صورتحال آهي تنهنڪري، نئي معاملن کي هتي مضمون ۽ نقشو ۾ تُرت طور تي تازي نمائندگي نہ ڪيل ٿي سگهي ٿي. نِڪور تازا معاملن جي معلومات جي لاءِ بنيادي مضمون 2019–20 ڪورونا وائرس وبائي مرض جو اڀياس ڪريو يا عالمي ادارو صحت (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ، ڊبليو ايڇ او) پاران تازي صورتحال بابت رپورٽ ڏسو

ڪوروناوائرس جي وبا، 2019ع - 2020ع (هن کي ووهان ڪورونا وائرس يا چيني نمونيا يا ووهان نمونيا (چيني ٻولي ۾:武漢肺炎) پڻ سَڏيو ويندو آهي) ڊسمبر 2019ع ۾ مرڪزي چين جي شهر ووهان ۾ پکڙجي وئي جتي اَڻڄاتل سبب جي ڪري نمونيا کان مُتاثر مريضن جي هڪ گروپ ۾ ڪورونا وائرس (COVID-19) مليو. بُڻيادي طورتي هي وائرس انهن ماڻُهن ۾ لَڀندو آهي، جيڪي ووهان جي سامونڊري غذائي بازار (چيني ٻولي ۾:華南海鮮市場) ۾ ڪم ڪندا آهن. چين جي سائنسدانن ان روڳ کي ڪوروناوائرس جي هڪ الڳ قِسم سَڏيو آهي ۽ اُن جو نالو COVID-19 ٻُڌايو ويو آهي. اهڙي ريت هي وائرس، سارس ڪورونا وائرس جي جينوم سان 70 سيڪڙو ملندڙ جُلندڙ آهي، پَر هينئر تائين اهو ثابت ناهي ٿي سگهيو تہ سختي ۽ موت ۾ هي سارس وائرس سان مُقابلي ۾ آهي.