وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2020/مهينو جنوري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آذربائيجان ڪارپيٽ ميوزيم جو ٻاهريون ڏيکُ

آذربائيجان قومي قالين ميوزيم (اڳ۾ آذربائيجان قالين ميوزيم سڏيو ويندو هيو)آذربائيجان جي گلم ۽ اُڻڻ ڪاريگري جي مختلف کَٿو (ڪمبل، لوئي) شين ۽ مختلف زمانن کان سامان جي شين جو ڏيکاءُ ڏئي ٿو. اهو دنيا ۾ آذربائيجان جي قالينن جو سڀ کان  وڏو ذخيرو آهي. اهو پنهنجي اڳوڻي هنڌ نيفچلر ايونيو کان باڪو سي فرنٽ پارڪ تي نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو.

آذربائيجان نيشنل ڪارپيٽ ميوزيم 13 مارچ، 1967 ع ۾ آذربائيجان ايس ايس آر وزيرن جي ڪائونسل جو فرمان نمبر 130 جي مطابق قائم ڪيو ويو. 1967 کان 1993 تائين، هن ميوزيم کي آذربائيجان اسٽيٽ ميوزيم آف ڪارپيٽ ۽ فوڪ ايپلائيڊ آرٽس، نالي سان سڏيو ويندو هيو، 1993 کان 2014 تائين اسٽيٽ ميوزيم آف ڪارپيٽ ۽ ايپلائيڊ آرٽس، کي لطيف ڪريموف جي نالي پٺيان منسوب ڪيو ويو، 2014 کان 2019 تائين آذربائيجان ڪارپيٽ ميوزيم ۽ 2019 کان موجوده وقت تائين - آذربائيجان نيشنل ڪارپيٽ ميوزيم نالي سان سڏجي ٿو.