وياج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
وياج کي عربي ۾ ربا چئبو آهي

وياج (انگريزي: Interest، عربي: الربا يا ربا) اردو ۾ سود. اها قيمت جيڪا قرض وٺندڙ، قرض ڏيندڙ کي خاص مدي دوران مقرر سيڪڙي جي حساب سان ادا ڪندو آهي.[1] وياج قرض تي ورتل رقم جي استعمال جو صرفو (charge) ھوندو آھي. وياج جي رقم اڳواٽ ئي تسليم شدہ ھوندي آھي جيڪا استعمال ڪرڻ واري طرفان بطور قرض ورتل رقم يعني زر اصل تي ھڪ مقرر مدت جي دوران واجب الادا ھوندي آھي[2]. اھڙي طرح قرض طور ورتل رقم جي استعمال ڪرڻ جي خرچ کي سود يا وياج سڏيو ويندو آهي جيڪو عام طور تي سالياني في صد شرح جي طور تي لڳايو ويندو آهي[2]. ڪنھن قرضدار طرفان اصل زر ۽ وياج جي ادائيگي ڊگھي عرصي تائين يا ٿوري عرصي جي قسطن ۾، يا يڪمشت ھڪ ئي وقت ڪري سگھجي ٿي ۽ ھر طريقي واري ادائيگي ڌرين جي وچ ۾ معاھدي تحت ڪئي ويندي آهي[2]. ان کي سرعي (تڪڙو) تناسب پڻ سڏيندا آهن[2].

وياج جي ڪوريج جو تناسب[سنواريو]

وياج جي ڪوريج (coverage) جو تناسب واجب وياج يا سود جي ادائيگين کي حاصل ٿيندڙ آمدني مان پوري ڪرڻ جو ھڪ پيمانو فراھم ڪندو آهي، جنھن کي وياج ۽ ٽيڪس ادا ڪرڻ کان اڳ واري ڪمائي بہ چوندا آهن[2]. اھو تناسب ڪنھن فرم کي کنيل قرضن تي وياج جي چارج يا صرفي متعلق تحفظ جي مارجن جو اظھار ڪندو آهي[2]. جيئن ته ان ۾ زر اصل جي ادائيگي شامل ناھي ھوندي ان لاء ڪنھن ڪمپني کي ان مجموعي حاصل ڪيل قرض جي قوت يا ادائيگي جي طاقت جو گھٽ يا وڌ اظھار بہ ڪندو آهي جيڪو مقرر چارج يا صرفي جي ڪوريج جي تناسب مان ظاھر ٿيندو آھي[2].

وياج جو مارجن[سنواريو]

بينڪ ڏنل قرض تي جيڪو وياج وٺندي آھي اھا سودي آمدني آهي. ان مان جيڪو حصو بينڪ جي کاتيدارن کي انھن جي کاتن ۾ جمع رقمن جي بيلنس تي ادا ڪندي آهي اھو وري سودي خرچ سڏبو آھي[2]. سودي آمدني مان سودي خرچ ڪٽڻ کان پوء جيڪو بينڪ لاء بچندو آهي ان کي سودي مارجن يا وياج جو مارجن (margin) سڏيندا آهن[2].

وياج جي شرح[سنواريو]

وياج جي شرح قرض تي ورتل رقم جي استعمال جي اھڙي لاڳت (cost) کي چوندا آهن جيڪا بطور شرح (rate) لڳائي ويندي آهي. اھا شرح زر اصل تي وقت جي مدي لاء عام طور تي ھڪ سال جي لاء ھوندي آھي جنھن کي ساليانو وياج سڏيندا آهن[2]. وياج جي شرح جو ضابطو حڪومت يا مرڪزي بينڪ جي طرفان لاڳو ڪيو ويندو آهي[2].

وياج جو اسلامي تصور[سنواريو]

قرآن فرمائي ٿو تہ جيڪي ماڻهو ربا يا وياج کائن ٿا ان جو حال ان شخص وانگر ھوندو آھي جنھن کي شيطان شھي چريو ڪري ڇڏيو ھجي ۽ ان حالت ۾ ھجڻ جو سبب اھو آھي تہ اھي چوندا آهن ته بيع يا تجارت بہ تہ آخر ربا يا وياج جھڙي چيز آهي، جڏھن تہ الله بيع يا تجارت کي حلال ۽ ربا يا وياج کي حرام ڪيو آھي.[3] تفھيم القرآن مطابق وياج لاءِ قرآن ۾ لفظ ربا استعمال ڪيو ويو آهي جنھن جي عربي ۾ معني آهي زيادتي يا اضافو. عربستان جا ماڻهو اصطلاحن ان لفظ کي زائد رقم لاءِ استعمال ڪندا ھئا جيڪا ڪو قرضدار ڪنھن قرضي کان ھڪ طئي ٿيل شرح مطابق اصل قرض ۾ ڏنل رقم کان وڌيڪ وصول ڪندو هو. ان کي اردو ۾ سود چوندا آهن. قرآن جي نازل ٿيڻ وقت عربن ۾ سودي معاملا ۽ انھن جا قسم رائج ھيا جن لاءِ عرب ربو جو لفظ استعمال ڪندا ھئا.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. Interest | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 [Glossary, Banking and Finance; by : Shakil Faruqi, second edition, State Bank of Pakistan ]
  3. {القرآن: البقرة: آيت نمبر 275}
  4. تفھيم القرآن، واليم 1، مولانا مودودي، صفحو 210, 211، ادارہ ترجمان القرآن، لاھور