وليم ھيوسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وليم ھيوسن
William Hewson
پيدائش 14 نومبر 1739(1739-11-14)
ھيڪسم(Hexham)
وفات 1 مئي 1774(1774-05-01) (aged 34)
قوميت يونائيٽيڊ ڪنگڊم
شھرت جو ڪارڻ ھيميٽالاجي(haematology)
اعزاز ڪاپلي ميڊل(Copley Medal) (1769)
'سائنسي پيشو'
شعبو جراحي (Surgery)
ايناٽامي
فزيولاجي

وليم ھيوسن(انگريزي: William Hewson ) 14 نومبر 1739 ۾ ڄائو ۽ پھرين مئي 1774 ۾ وفات ڪيائين. ھي ھڪ برطانوي جراح (surgeon)، ايناٽامسٽ ۽ فزيولاجسٽ ھيو ھيو جنھن کي ھيميٽالاجي جو ابو سمجھيو ويندو ھو.

سوانح[سنواريو]

ھي اتر اولھ انگلينڊ ۾ واقع نارٿمبرلينڊ ڪائونٽي جي شھر ھيڪسم ۾ پيدا ٿيو. ھن شروعاتي تعليم 1753 ۾ نيو ڪاسل شفاخاني ، جيڪو بعد ۾ رايل وڪٽوريا انفرمري جي نالي سان مشھور ٿيو.ھن تعليم ان شفاخاني جي باني رچرڊ ليمبرٽ وٽ حاصل ڪئي. 1762 ۾ ھن ايڊنبرگ ۾ وليم ھنٽر وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ پوء ان جو اسٽنٽ بڻيو. ھن کي 1769 ڪاپلي ميڊل مليو. 1770 ۾ رايل سوسائٽي جو ميمبر ٿيو. [1] ھن جي وڏو ڪردار رت جي ڪلاٽنگ يا ڪئاگليشن (coagulation) مان اھم پروٽين ، فبرين کي الڳ ڪرڻ ھيو. ھن جڏهن جانورن جي اندر لمف نسن جي موجوگي ثابت ڪئي ۽ انھن جي ڪم جي باري ۾ جانورن کي مثال بڻائي سمجھايو تہ انسان اندر بہ اھڙي طرح لمفيٽڪ سسٽم موجود آهي. ھن اھو بہ ثابت ڪري ڏيکاريو تہ رت جا ڳاڙها گھرڙا بال وانگر گول نہ پر ٿالھي جي شڪل وارا ھوندا آھن.ھن جي ھڪ دعویٰ غلط ھئي تہ رت جي گھرڙن جا ڪارا مرڪز انھن جا نيوڪليس آھن. 1773 ۾ ھن رت جي ڳاڙھن گھرڙن ۾ سيل ميمبرين جي خيال جي حق ۾ شاھدي پيش ڪئي پر ھن جي ان ڪم کي نظرانداز ڪيو ويو. 10 جولاء 1770 ھن ميري اسٽيونسن، جيڪا وڌيڪ پولي جي نالي سان سڃاتي ويندي ھئي، سان شادي ڪئي جيڪا لنڊن جي ھئي ۽ بينجمن فرينڪلن جي دوست ھئي. سيپٽمبر 1772 کان ھن 36 ڪري ون اسٽريٽ، لنڊن ۾ ايناٽامي جو اسڪول کوليو. ان جاء تي بينجمن فرينڪلن رھندو ھو ۽ ھاڻي اھا بينجمن فرينڪلن ھائوس سڏبي آھي.1998 ۾ ان گھر جي مرمت لاء انساني ڍانچا ۽ ھڏا مليا جيڪي ڪارائي سان ڪٽيل ھيا. جيڪي چيو وڃي ٿو تہ ان وقت جا ھيا جڏهن اھو گھر ٻہ سال بينجمن فرينڪلن جي مرضي سان ھيوسٽن جي استعمال ۾ ھيو.[2] ان جي تصديق آرڪيالاجي وارن بہ ڪئي ۽ انھن تجربن جو ذڪر ھيوسن پڻ لکت ۾ ڪيو ھو.[3]ھي ھڪ مردہ انساني جسم کي شاگردن آڏو ڪٽيندي سيپسس (sepsis) جو شڪار ٿي پيو ۽ ھن پھرين مئي 1774 ۾ وفات ڪئي

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Library and Archive Catalogue". Royal Society. حاصل ڪيل 18 November 2010. 
  2. Newsletter of the friends of Benjamin Franklin House آرڪائيو ڪيا ويا 2005-09-29 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Issue 2, Autumn 1998. benjaminfranklinhouse.org
  3. Simon Hillson, Tony Waldron, Brian Owen-Smith, and Louise Martin, "[www.ai-journal.com/article/download/ai.0206/241 Benjamin Franklin, William Hewson and the Craven Street bones]", Archaeology International, February 2006