ورقا بن نوفل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ورقا بن نوفل
موت 610ع
پيءُ نوفل ابن اسد
ماءُ هندا بنت ابي خطير
ڌرم مانوئيت

ورقا بن نوفل بن اسد بن عبدالعزي بن قصي القريشي (انگريزي ٻولي: Waraqah ibn Nawfal) هڪ نصراني ڌرم گرو ۽ اسلامي پيغمبر محمد جي پهرين گهرواري خديجه بنت خُويلد جو پهريون سئوٽ هو. هي بت پرست سماج ۾ علمي طور چوٿون پايو سڏبو هو. ورقا نبي محمد تي پهرين وحي نازل ٿيڻ کان ٿورو سمو پوء شايد 610ع ۾ مئو. ورقا نوفل نالي هڪ ماڻھوءَ جو پٽ ھو. سندس امڙ جو نانءُ هند هو جا ابي خطير جي نياڻي هئي. ورقا ۽ خديجه جي شاديءَ جي ڳالھ بِ ٿيل هئي پر ڪنهن سبب اها شادي نَ ٿي سگهي. ورقا هڪ نصراني ڌرم گرو هو. اسلامي روايتون کيس نبي محمد کي پهرين مڃيندڙن مان ڪوٺين ٿيون.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2021-02-07