واچوڙو
ڏيک
واچوڙو Dust devil | |
---|---|
ايريزونا ۾ واچوڙو. | |
وقوع جو علائقو | ابتدائي ٽيمپريٽ ۽ ٽراپيڪل علائقن ۾ ٿيندو آهي |
موسم | اڪثر اونھاري ۾ |
اثر | مٽي ۽ ڌوڙ مٿي اڏرندي آهي |
واچوڙو يا مٽي جو واچوڙو (انگريزي: dust devil) ھڪ ڊگھو دير تائين ھلندڙ ھوا جو ڦيرو آھي جنھن ۾ مٽي مٿي گولائي ۾ اڏرندي پاڻي جي ڪن وانگر ڦرندي آهي. ان ڦيري جي ٿولھ اڌ ميٽر کان 10 ميٽرن تائين ۽ ان جي زمين کان مٿي تائين ڊيگھ ڪجهه ميٽرن کان 1000 ميٽرن تائين ٿيندي آھي. اھي نقصانڪار نہ ھوندا آھن ۽ ان ۾ ھوا جو گول ڦيرو ھيٺان کان مٿي ھوندو آھي.[1] ان جو ڏيک واچوڙي واري طوفان (tornado) وانگر ھوندو آھي