واقعاتي تجزيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

واقعاتي تجزيو يا فئڪٽر اينالسز (انگريزي ٻولي: Factor Analysis) اصل ۾ عالمي سياست ۾ ٿيندڙ واقعن کي حسابي ڳڻپ واري طريقي سان مُختلف گروپن ۾ ڳڻڻ جو هڪ طريقو آهي. ان طريقي ۾ مُختلف واقعن کي نشانبر ڪري سماجي وضاحتن تحت نروار ڪيو ويندو آهي. 1945ع کان پوءِ بين الاقوامي حُڪومتي تنظيمن (IGOs) جي وجود ۾ اچڻ سان نسبتي ڀروسي جوڳن ڳڻپ وارن ذريعن ۾ ڪافي واڌ آئي آهي. انهيءَ واڌ جي ڪري واقعاتي تجزيي ذريعي گهڻين حقيقتن تائين پهچڻ سولو ٿي پيو آهي. اِنهيءَ سهولت ۽ هُنر اسڪالرن لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي، ته اُهي رياستن جي اندر ۽ رياستن جي وچ ۾ موجود تڪرارن جي اصل سببن جو مليل ڀروسي جوڳن انگن اکرن (Data) ذريعي جائزو وٺي بهتر ڇنڊڇاڻ ڪري سگهن. ’روڊالف رُميل‘ ۽ ’ريمنڊ ٽئنٽر‘ جهڙن دانشورن کي هن طريقي جي بانين مان سمجهيو وڃي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. Factor Analysis | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2019-03-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-12-15