واقعاتي بيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

واقعاتي بيت، سنڌي لوڪ ادب ۾ هيءَ صنف واقعاتي شاعريءَ تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ ڪنهن واقعيءَ کي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ قديم زماني کان اهڙا بيت ملن ٿا، جن ۾ يا تہ تاريخي واقعا بيان ڪيل آهن، يا انهن ۾ تاريخي واقعن ڏانهن اشارا ملن ٿا. اهڙي قسم جا بيت سومرن جي دؤر کان ملن ٿا، جيڪي پهرين ’ڳاهن‘ جي صورت ۾ مليا آهن، بعد ۾ واقعن کي تفصيل سان بيان ڪندي ڊگها مسلسل بيت چيا ويا. واقعاتي بيت، ڊگها بيت هوندا آهن، جن ۾ هڪ واقعو ڪيترن ئي بيتن ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. سنڌي لوڪ ادب اسڪيم هيٺ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”واقعاتي بيت“ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.