هيلسنڪي معاهدو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيلسنڪي ڪانفرنس (Helsinki Conference) يا هيلسنڪي گڏجاڻي (رضامندي يا معاهدا) جولاءِ ۽ آگسٽ 1975ع فنِلئنڊ جي شهر ’هيلسنڪي‘ ۾ سڏائي وئي، جنهن ۾ آمريڪي صدر ’جيرالڊ فورڊ‘ ۽ روسي صدر ’ليونڊبرزنيف‘ سميت 35 ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس جي پڌرنامي (Chater) تي صحيون ڪندڙ ملڪن، هڪ ٻئي جي علائقائي بچاءَ کي مڃڻ، اندروني معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائڻ ۽ سهڪار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو. ڪانفرنس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته هڪ ٻئي جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي قيام وارن مقصدن جي پوئواري ڪندي، غير فوجي وفد مختلف ملڪن جا دورا ڪندا ۽ هٿيارن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سڀئي ملڪ گڏجي اهم اُپاءَ وٺندا. هن ڪانفرنس ۾ اولهه ۽ ڪميونسٽ بلاڪن ۾ هڪٻئي سان سهڪار لاءِ ماحول ٺاهڻ ۾ مدد ڏني هئي.[1]

حوالا[سنواريو]