نياگرا آبشار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

نياگرا آبشار ڪئناڊا ۾ "آنٽريو" نالي هڪ ڍنڍ 24 ڪلو ميٽرن ۾ پکڙيل آهي.جنهن مان 53 ڪلو ميٽر ڊگهي هڪ ندي نڪري،اتر آمريڪا جي "ايري" ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.آنٽريو ڍنڍ وٽ،جتان هي ندي نڪري ٿي،نياگرا نالي هڪ قديم شهر صدين کان آباد آهي،جنهن جي نالي پٺيان،هن ندي ۽ آبشار جو نالو پڻ نياگرا پئجي ويو آهي.دنيا جو هي مشهور آبشار آمريڪا جي شهر نيويارڪ کان 35 ڪلو ميٽر اتر اوله طرف آهي.هن آبشار جا ٻه حصا آهن،جيڪي نياگرا آبشار نيويارڪ ۽ نياگرا آبشار آنٽريو ڪئنيڊا سڏجن ٿا.هي آبشار 200 کان 250 فوٽ اوچو آهي،جڏهن ته ان جي ويڪر 2250 فوٽ آهي.آبشار جي تاريخ بابت چيو وڃي ٿو ته ، برفاني دور ۾ هتي هڪ وڏو گليشيئر هو،جيڪو اڄ کان لڳ ڀڳ 12000 سال اڳ ڳلي،ندي جي صورت اختيار ڪري ويو هو،هن آبشار مان هڪڙي منٽ ۾ سراسري طور 1100000 ڪيوبڪ فوٽ جي حساب سان پاڻي ڪري ٿو،ان حوالي سان هي دنيا جو وڏي ۾ وڏو آبشار ليکيو وڃي ٿو.پاڻي جي اهڙي تيز وهڪري ۽ ڪٽاء سبب هي آبشار وقفي وقفي پنهنجو رخ ۽ مقام پڻ تبديل ڪندو رهيو آهي.آبشار کان مٿي ندي جي ٻنهي ڪنارن تي،آمريڪي سرڪار ننڍا ننڍا بند ٻڌي ڊيم ٺاهيا آهن،جن مان پيدا ٿيندڙ بجلي تي ڪيترائي ننڍا وڏا ڪارخانا هلن ٿا.ان کان سواء، آمريڪا ۽ ڪيناڊا جي سرحدن ۾ ورهايل هن علائقي جي آمدني جو هڪ وڏو ذريعو سياحت پڻ آهي.هتي هر سال ڏيڍ ڪروڙ سياح تفريح لاء اچن ٿا.

سڪندر علي شاه (ڳالهہ) 11:06, 30 جُولاءِ 2016 (UTC)


[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: دنيا جا عجوبا،ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2015