نيئندرتال ماٿري
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
نظر ھيٺ مضمون جرمنيء جي ھڪ وادي تي آهي. انسان نما نابود ٿيل جنس جي لاءِ نيئندرٿال جي نالي واري جنس ڏسو.

نيئندرٿال ماٿري (انگريزيءَ ۾ Neandertal (/niˈændərˌtɑːl/; جرمن: [neˈʔandɐtaːl]) جرمنيءَ جي رياست نارٿ رائن وستڦيليا جي ڊزل نديءَ جي ڪناري تي ڊزلڊورف شھر جي اوڀر پاسي 12 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي. اھا وادي ٻن شھرن ارڪاٿ ۽ ميٽمن جي وچ ۾ واقع آهي. آگسٽ 1856ع ۾ کوٽائي دوران انسان نما جنس نيئندرٿال جي ھڏين جي دريافت جي ڪري ھيء وادي يا ماٿري دنيا ۾ مشهور ٿي وئي.

نيئندرٿال ميوزيم ميٽمن، جرمني