نوشي گيلاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نوشي گيلاني پاڪستان سان تعلق رکندڙ اردو ٻولي جي نامياري شاعرا آهي. سندس اصل نالو نشاط گيلاني آهي. هن 14 مارچ 1964 ۾ پاڪستان جي شهر بهاولپور جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻو ۾ جنم ورتو هيو.[1] سندس پيءُ مسعود گيلاني پيشو جي لحاظ کان ڊاڪٽر هيو. نوشي پنهنجي تعليم بهاولپور ۾ ئي مڪمل ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي شاعري جو ڏاڍو شوق هيو. سندس پهريون مجموعو "محبتين جب شمار ڪرنا" منظرِ عام تي آيو تہ انکي ڏاڍي موٽ ملي هئي. سال 1995 ۾ نوشي جي شادي فاروق طراز سان ٿي هئي ۽ هو سان فرانسيسڪو، امريڪا هليو ويو هيو. پر ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ اُن کان الڳ ٿي وئي. نوشي اسلاميا يونيورسٽي بهالپور ۾ اردو جي اُستاد جي حيثيت سان ڪم ڪندي رهي، سال 1997 ۾ نوشي جو ٻيو مجموعو "اداس هوني ڪي دن نهين" ڇپجي منظرِ عام تي آيو. 25 آڪٽوبر 2008 ۾ نوشي سڊني ۾ رهندڙ اردو سوسائٽي آف آسٽريليا جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري سعيد خان (جيڪو پاڻ بہ شاعر آهي) سان شادي ڪيائين ۽ سڊني، آسٽريليا ڏانهن هلي وئي.[2]

هن پاڪستاني ڳائڻو پٺاني خان کي ڀيٽا (خراجِ تحسين) پيش ڪيو، جنهن کي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽ (PNCA) اسپانسر ڪيو. امريڪا ۾ رهڻ دوران هن جا تجربا ۽ مشاهدا پڻ سندس شاعري منجهان ٽمڪن ٿا. "هوا" ۽ "محبت" جي لفظن مضبوط استعاري طور تي سندس شاعريءَ ۾ گهڻو استعمال ٿيو آهي. کيس انهي ڪري هوا جي هم سُخن (ساٿي) پڻ سڏيو ويندو آهي.[3]

سندس شاعري جا ست مجموعا ڇپجي چڪا آهن. انهن منجهان ڪيترا ئي نظم انگريزي، ملئي ۽ يوني ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪا آهن. نوشي گيلاني آسٽريلين شاعر Les Murray جي شاعري کي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي. انکانسواءِ هن پاڻ پڻ انگريزي ۾ شاعري ڪئي آهي. سندس مشهور نظم آهي،"To Catch Butterflies". نوشي گيلاني اردو اڪيڊمي آسٽريليا جي شريڪ باني پڻ آهي، جنهن جي بنياد 2009 ۾ رکي وئي هئي. هيءَ اڪيڊمي اردو شاعري ۽ ادب جي ترويج جي لاءِ هر مهيني سڊني ۾ هڪ بيٺڪ جو بندوبست ڪندي آهي. سندس نڪور نئون مجموعو "هوا ڇپڪي سي ڪهتي هي" (2011) کي ان ريت موٽ (پزيرائي) ملي تہ اردو بازار ۾ اچڻ کانپوءِ ٻن ڪلاڪن ۾ ئي اهو ايڊيشن ماڻهن جي هٿو هٿ وڪامي ويو.

ايوارڊ[سنواريو]

  • خواجا فريد ايوارڊ [4]

لکڻيون[سنواريو]

نوشي گيلاني جا ڇپيل ڪتاب هن ريت آهن.

1:محبتين جب شمار ڪرنا (1993)

2:اداس هوني ڪي دن نهين(1997)

3:پهلا لفظ محبت لکا(2003)

4:هم تيرا انتظار ڪرتي رهي (2008)

5:نوشي گيلاني ڪي نظمين (2008)

6:اي ميري شريڪِ رسال جان (2008)

7: هوا چپڪي سي ڪهتي هي (2011)

شعر[سنواريو]

هن شهر ۾ ڪيترا چهرا هيا ڪجهه ياد ناهين سڀ ڀلي ويا

اڪ شخص ڪتابون جيسا تا وہ شخص زباني ياد هوا

بند هوتي ڪتابون ۾ اڙتي هوئي تتليان ڊال دي

ڪس ڪي رسمون ڪي جلتي هوئي آگ ۾ لڪڙيان ڊال ديں

ميں تنها لڙڪي ديار شب ۾ جلاؤں سچ ڪي ديئي ڪهاں تڪ

سياہ ڪارون ڪي سلطنت ۾ مئين ڪس طرح آفتاب لکون

هماري درميان عهدِ شبِ مهتاب زِنداہ هي

هَوا چْپڪي سي ڪهتي هي اڀي اِڪ خواب زِنداہ هي

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]